پاڻي جي ورھاست ۽ متضادي ارسا چيئرمين

پاڻي جي ورھاست ۽ متضادي ارسا چيئرمين

اعجاز ممنائي
سنڌ سان ناجائزين جي هڪ تاريخ رقم ٿيل آھي.پي ڊي ايم جي نئين حڪومت جڙندي ئي ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ ڪري مئل گهوڙي ۾ ساهه وجهڻ لاء ڊيم جي حامي ظفر محمود کي ارسا جو چئيرمين مقرر ڪيو ويو آهي جنهن کان پوء ھر سنڌ واسي سنڌ دشمن ھر دستور نامنظور جا نعرا هڻڻ جو آغاز ڪيو آھي هن وقت اڻ مندائتي برسات پڪل ڪڻڪ کي به ڪيترو ئي نقصان پهچايو آھي ۽ درياء ۾ پڻ پاڻيء جي شديد کوٽ محسوس ٿي رهي آهي جنهنڪري درياهه جي ٻنهي پاسي واري اڏامي رهي آھي۔
ھيءَ ڪائنات ۽ فطرت ڏاڍيون باترتيب، ڳتيل ۽ منظم آھن. انھن ۾ ھڪڙي عجيب نموني جي، پر ڏاڍي درست رٿابنديءَ آھي. جھڙوڪ سياري ۾ درياھن ۽ ندين جي پاڻي ۾ لاٿ ھوندي آھي، گليشيئر گهٽ ڳرندا آھن ۽ برفون گهٽ رجنديون آھن، تنھن ڪري پاڻي جا سڀ ذريعا ھيٺ ھيٺ ھوندا آھن. درياھن ۽ ندين ۾ پڻ پاڻي جا وھڪرا گهٽ هوندا آھن. جنھن ڪري واھڙن، ڦاٽن، ڇاڙن، ڪئنالن، واھن ۽ شاخن ۾ ٿورو پاڻي ھوندو آھي. البت قدرت ان مند ۾ پاڻي جون گهرجون پڻ گهٽائي ڇڏي ٿي. سياري ۾ جتي پاڻي جو عام واھپو گهٽ ٿيندو آھي، اتي ربيع ۾ فصل ۽ پوکون پڻ اھڙيون ٿينديون آھن، جيڪي گهٽ پاڻي پيئن ٿيون. جڏھن ته اونھاري جي موسم ۾ درياھن ۽ ندين اندر چاڙھ ھجي ٿو، مينھن گهڻا وسن ٿا ۽ ھر پاسي پاڻي موڪ ھجي ٿو. خريف جا فصل به اھڙن ڏينھن ۾ ٿين ٿا ۽ اھي پاڻي پڻ گهڻو ٿا پيئن. ساريالي پوک کي ٻيجارو پوکجڻ کان سارين جي لاباري تائين لڳاتار پاڻي کپندو آھي.
ھن وقت خريف جي مند صفا سر تي چڙھي بيٺي آھي. انھيءَ ڪري پوکائي لاءِ پھرين ئي ٻنين جون تياريون ٿيون پيون آھن. پر پاڻي نہ ھجڻ سببان سارين جي ٻيجاري جي پوکائي ۾ دير ٿي رھي آھي. جڏھن تہ خريف جي پاڻي جي ورھاست جي سلسلي ۾ انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) جي چيئرمين جي تقرري متضادي آڻي سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪر کنيو آھي۔ جو ھڪ ماضيء ۾ به 1991ع واري ٺاھه بدران پاڻي جي ٽه رخي ورھاست جو فيصلو ڪري سنڌو درياء کي سڪائي سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻايو ويو ۽ سنڌ وڌيڪ مشڪلاتن جي ور چڙھي ويئي ھئي.آخر وفاق جو هر ڀيري سنڌ تي وار ڇو ٿي رهيو آھي جڏهن ته پيپلز پارٽي خود سنڌ جي پارٽي طور سڃاتي وڃي ٿي ۽ PDM.2 حڪومت سان گڏ ايوان ۾ ويٺي آھي ان جي باجود متنازعه ارسا چيئرمين جي مقرري تي سندن خاموشي حيران ڪندڙ آھي۔ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي جي تڪرار جي تاريخ ڪا گهڻي پراڻي ڪانھي. انگريزن جي دؤر ۾ جڏھن پنجاب سنڌو درياھه ۽ سندس ڀرتو ندين سان ھٿ چراند شروع ڪئي، تڏھن کان ھن تڪرار جو آغاز ٿيو آھي. جنھن جي حل لاءِ مختلف موقعن تي ڳالھيون ۽ ٺاھه ٿيندا رھيا آھن. جن مان 1991ع وارو ٺاھ ھيل تائين ٿيل ٺاھن مان آخري ٺاھه آھي. ھن ٺاھ تحت پاڻي جي ورھاست ھيٺ ڄاڻايل جدوَل موجب ڪئي وئي آھي.
پاڻي جي ورھاست (ملين ايڪڙ فُٽن ۾)
قوم خريف ربيع ڪل
پنجاب 37.07 18.87 55.94
سنڌ 33.94 14.82 48.76
خيبر پختونخوا 3.48 2.30 5.78
خيبر پختونخوا (ب) سول ڪئنال 1.80 1.20 3.00
بلوچستان 2.85 1.02 3.87
ڪل 79.14 38.21 117.35
16 مارچ 1991ع تي ٿيل ھن پاڻي ٺاھ جي شق يا پئرا ٻہ درياھي پاڻي جي ورھاست جا اصول طئي ڪري ٿي. جنھن تحت واھن لاءِ درياھن ۾ موجود پاڻي جي ونڊ ورڇ ڪئي وئي آھي. جڏھن تہ ٻوڏن ۽ مستقبل ۾ ٺھندڙ امڪاني ذخيرن جي پاڻي جي ورھاست جو طريقيڪار پئرا 4 ۾ طئي ڪيو ويو آھي. پر ارسا ڪڏھن بہ 1991ع واري ٺاھه تي عمل نه ٿي ڪري.

پاڻي جي کوٽ جا ڪجھ ڪارڻ
(الف) انڊس رِوَر سسٽم اٿارٽي (اِرسا) انھيءَ لاءِ ٺاھي وئي ھئي تہ جيئن 1991 واري پاڻي ٺاھ تي عمل ڪرائڻ ۾ انتظامي اداري جو ڪردار ادا ڪري سگهي. ارسا جو ڪم ئي 1991ع واري معاھدي موجب پاڻي جي ورھاست ڪرڻ آھي. پر ارسا جو سڄو سارو ڪم ان جي بنھ ابتڙ ھلي رھيو آھي. ارسا ھڪ اھڙو جانبدار ادارو ٿي وئي آھي، جيڪو ھر حالت ۾ پنجاب جي مفادن کي ئي مقدم رکي ٿو. تنھن ڪري اھا انصاف ڀريا فيصلا ڪرڻ بجاءِ کوٽ وارن سالن ۾ پاڻي جي ٽه رخي ورھاست ڪري ٿي. جنھن تحت بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه کي کوٽ کان آجو قرار ڏنو وڃي ٿو.تازو ارسا چيئرمين جي تقرري ڪالاباغ ڊيم تي مسلسل 50 آرٽيڪل لکڻ جي عيوض ٿي آھي جيڪا سنڌ خلاف هڪ وڏي سازش آھي۔ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 154 سب آرٽيڪل 2 تحت وزيراعظم عهدو سنڀالڻ جي 30 ڏينھن اندر گڏيل مفادن واري ڪائونسل CCI جوڙڻ جو پابند آهي. آرٽيڪل 154 (7) چئي ٿو ته وفاقي حڪومت ۽ صوبن وچ ۾ سي سي آئي ۾ ڪنھن به تڪرار جي صورت ۾ معاملو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اٿاريو ويندو. پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 155 سب آرٽيڪل 2 چئي ٿو ته CCI ۾ پاڻي سان لاڳاپيل معاملن جي نبيري لاءِ سي سي آئي ۽ اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪائونسل صدر کي هڪ ڪميشن جوڙڻ لاءِ درخواست ڪندي. جنھن ۾ آبپاشي، انجينئرنگ، انتظامي ۽ مالي معاملن جا ماهر مقرر ڪيا ويندا. پاڻي جا معاملا سي سي آئي جو اسم آهن. آئيني طور وزيراعظم شھباز شريف سي سي آئي جوڙڻ ۽ ان ۾ پاڻي معاملو بحث ڪرڻ کان پهرين ئي آئين شڪني ڪئي آهي. شهباز شريف ملڪي آئين جي ڀڃڪڙي جو مرتڪب ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ آئين جو آرٽيڪل 6 High treason واضع آهي. رڳو آئين سڌي ريت ٽوڙڻ ئي نه پر آئين کي پاسيرو ڪرڻ، آئين تي ان جي روح موجب عمل نه ڪرڻ پڻ ان آرٽيڪل جي زمري ۾ آهي. ان ڪري شھباز شريف ۽ اڳوڻي نگران حڪومت ان جي دائري ۾ اچن ٿا.
واضع رهي ته ارسا ايڪٽ جي سيڪشن 4 تحت ارسا جو پھريون چيئرمين بلوچستان جو ٿيڻو هيو، ان کانپوءِ اها ڪرسي هر صوبي ڏانھن مرحليوار منتقل ٿيڻي هئي پر لالچ وڏي بڇڙي بلا آھي رڳو فرد ئي نه، قومون بہ لالچ ۾ اينديون آھن. پاڻي جي لالچ ۾ بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جا نمائندا پنجاب سان ھمنوا ٿي بيھن ٿا. جڏھن ارسا جا پنجن مان ٽي ميمبر ھڪ پاسي ٿي وڃن ٿا، ته اڪثريت راءِ سان فيصلو پنجاب جي مرضي جو ٿي وڃي ٿو ۽ انگن اکرن جي کيڏ سان سموري کوٽ سنڌ جي مٿي ۾ ھنئي وڃي ٿي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي۔

پهنجو تبصرو موڪليو