تحرير عبدالحئي ساوند
شاعري ذريعي پوري عالم لاء حق ۽ سچ جي پرچار ڪندڙ ڀِٽ جي گهوٽ شاه عبدالطيف ڀٽائي رحمت الله عليه، جي بيت مان هي هڪڙو ٽڪرو به وڏو وزنائتو ۽ وڏي مفهوم وارو آھي، جنهن جون ڪيتريون ئي معنائون پڻ نڪرن ٿيون ان بيت جي هر هڪ سٽ جو به الڳ مقام آھي، اڄ ڇونه شاه سائين جي ان سٽ کي سهيڙي ڪجهه کڻي لکجي ڇو ته اڄ ڪلهه اسان وٽ سنڌ ۾ سڀ ڪجهه هوندي به اسان هر شئي لاء واجهائي رهيا آھيون، سنڌ جي وسيلا هجن، سنڌ جو پاڻي هجي، سنڌ جي بجلي هجي، سنڌ جي زمينن مان نڪرندڙ گيس هجي، يا کڻي پنهنجا حقوق هجن هميشه اسانکي انهن جي لاء خيرات گهرڻي پوندي آھي، هميشه انهن جي لاء اسانکان هٿ ٽنگايو ويندو آھي، هميشه منٿون ڪرايون وينديون آھن، مگر پوء به اسانکي پنهجا حق ۽ پنهنجي وسيلن جي مالڪي مان خيرات جي حصي کان به گهٽ ڏنو ويندو آھي، اسانجو گهوٽڪي ضلعو هوئن ته قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي گهوٽڪي ۾ پنج شگرملون، 2 ڀاڻ فيڪٽريون، قادرپور گيس فيلڊ، ماڙي پيٽروليم گيس فيلڊ، سميت انيڪ صنعتي ادارا آھن، مگر ان هوندي به هتان جي ماڻھن کي هميشه پوئتي ڌڪيو ويو آھي، ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ مقامي ماڻھن لاء روزگار جا دروازا بند ٿيل آھن، فيڪٽرين ۾ مقامي پورهيتن جي بجائي ٻاهري علائقن کان پورهيت گهرائي روزگار ڏنو ويو آھي، هتان جي پاور پلانٽن سميت صنعتي زون ۾ ڪشمير جي ماڻھون کي ته نوڪري ملي سگهي ٿي، سرحد، ميرپورماٿيلو ۽ مومل جي ماڙي جي رهاڪو لکيل پڙھيل نوجوان کي نوڪري نٿي ڏني وڃي، اوجي ڊي سي ايل قادرپور گيس فيلڊ ۾ ڪي پي ڪي ۽ پنجاب توڙي گلگت بلتستان جا ماڻھون نوڪري ته ڪن ٿا مگر، اوٻاوڙو، ڏهرڪي، قادرپور، ۽ عادلپور جو ماڻھون اتي چوڪيدار به نٿو ٿي سگهي، ضلعي گهوٽڪي ۾ واقع پنجن ئي شگر ملن ۾ پوري ملڪ مان ڌارين جي لوڌ آڻي سموري سيزن ڪُٽي پئي وڃي مگر هتان جي ماڻھن کي شگرملن جي مسجدن ۾ پيش امام جي نوڪري لاء به ڌِڪاريو پيو وڃي، ان سمورن معاملن ۾ اسان سان هميشه واڳ ڌڻين ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جون بيواجبيون ٿي رهيون آھن، وسيلا اسانجا، گيس اسانجي، بجلي اسانجي، فيڪٽريون اسانجي زمينن تي مگر روزگار ٻاهرين ماڻھن لاء اها سراسر زيادتي آھي گهوٽڪي ضلعي جي پنجن ئي شگرملن ۽ فيڪٽرين جي هيوي مشينري توڙ شگرملن لاء ڪمند جي ڀريل وزني گاڏين جي قطارون ڪري هلڻ انهن وزني گاڏين جي لوڊ سبب ضلعي جا تقريبن سمورا روڊ مڪمل طور تي تباه ٿي ويا آھن ايتري قدر جو اسانجي ضلعي جي قومي شاهراه به انهن هيوي گاڏين جي گذرڻ سبب تباه ٿي وئي آھي جنهن سبب هر آئي ڏينهن ڪٿي نه ڪٿي روڊ حادثو ۽ ان حادثي ۾ پڻ ڪيترو ئي نقصان ٿي رهيو آھي مگر هتان جون شگرملون ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون تباه ٿيل روڊن تي هڪ ٽڪو به خرچ ڪرڻ لاء تيار ئي ناهن، چلو ٺيڪ آ شگرملون پنهنجي هڙان وڙان ٽڪو به خرچ نه ڪن، مگر خريد ڪيل ڪمند مان شگرملون آبادگارن کان في مڻ تي پنج روپين کان وڌيڪ شگر سيس فنڊ جا پئسا ڪٽين ٿيون جيڪي پئسا شگر ملن جي هيوي مشينري ۽ ڪمند جي ڀريل ٽرڪن گذرڻ سبب تباه ٿيل روڊن جي ٻيهر تعمير ۽ مرمت لاء رکيا ويندا آھن، جنهن جا تقريبن ڪروڙين روپيه شگرملون اوڳاڙينديون آھن، مگر اڄ تائين گهوٽڪي ضلعي جو هڪ روڊ به انهن تعمير ڪرائڻ ته پري جي ڳالهه ڪنهن لنڪ روڊ جي مرمت به ناهي ڪرائي، جنهن سبب اتان جي گذرندڙ آبادي ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺاڻن مقامي ماڻھن کي وڏي ڀوڳنا ڀوڳڻي پئجي رهي آھي، مگر مجال آھي جو اهي شگرملون ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي ڪو لاڀ ڏئي سگهن، هاڻ صورتحال ايتري قدر خراب ٿي وئي آھي جو شگرملن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين توڙي قادرپور گيس فيلڊ جو زهريلو پاڻي ڀرپاسي جي زمينن، واهن، ۽ ڪئينالن ۾ ڇوڙ ڪرڻ سبب هتان جي جر جو پاڻي به زهريلو ٿي ويو آھي ۽ نلڪي مان تازو پاڻي ڀري هڪ ڪلاڪ ڪنهن ٿانو ۾ رکجي ته اهو پنهنجو رنگ مٽائي سائو ٿي ويندو، جڏھن ته ڏهرڪي تعلقي جي مختلف ڳوٺن جو پاڻي ايتري قدر زهريلو ٿي ويو آھي جو اهو پاڻي انسان ته پري جي ڳالهه جانورن جي پيئڻ جهڙو به ناهي رهيو، هاڻ اسان اچئون ٿا پنهنجي اصل مقصد تي ته پاڻيء مٿي جهوپڙا مورک اُڃ مرن، اهو بيت مونکي ان وقت ڏاڍو ياد ايندو آھي جڏهن آء ڪچي ۾ ويندو آھيان ڇو ته ڪچو مڪمل درياه سان جُڙيل آھي، درياه جو پاڻي، ٺٽو، ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، سانگهڙ ۽ بدين تائين ته پهچي ٿو مگر درياه جو پاڻي ڪچي جي ڪڇ جي زمينن کي نٿو ملي، ڏورانهن علائقن ۾ بئراج ۽ ڪئنالون توڙي واه ٺاهي بَرن ۾ بازارون ته ڪيون وڃن ٿيون مگر درياه ڪنڌي تي ويٺل ماروئڙا درياه جي پاڻي جي بوند لاء سڪندا آھن، زمينون آباد ڪرڻ لاء به انهن کي بور ڪرائي ٽيوب ويلن زريعي آباد ڪيو ويندو آھي، هڪ طرف ته درياه کان سوين ميل پري درياه جو پاڻي ته پهچي ٿو ٻئي طرف درياه مٿان ويٺل ۽ درياه جي ڪنڌيء تي آباد ٿيل ڳوٺن جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاء وڏا ڪشالا ڪڍڻا ٿا پون، واه جو اهو به قدرت جو عجيب نظام آھي، هاڻي ڪجهه ڏينهن کان گهوٽڪي ۾ ڪجهه علائقن ۽ ادارن کي گيس جي پائيپ لائين وڇائي ڏني پئي وڃي اها هڪ تمام بهترين ڳالهه آھي ڇو ته اسانکي نوڪريون ڀلي نه ملن مگر بجلي گيس، صحت ۽ تعليم ته ڏياري وڃي، گهوٽڪي شھر کان پنج ڇهه کن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي تائين گيس جي وڏي پائيپ لائين وڇائي گيس پهچايو پيو وڃي مگر افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته اتي آباد ڪنهن به ڳوٺ کي گيس ڏيڻ کان کتو جواب ڏنو ويو آھي، گهوٽڪي ڊسٽرڪٽ جيل جي ڀرپاسي ۾ سوين ڳوٺ آھن جن ۾ ڳوٺ جيوڻ ڪولاچي، ڳوٺ رحمت الله ڪولاچي، ڳوٺ جهنگل ساوند، ڳوٺ عظيم ميڻڪ، ڳوٺ رئيس منظور ساوند، ڳوٺ راڄو خان ڪولاچي، ٽانوري پلاٽ سميت انيڪ ڳوٺ ۽ سوسائٽيز آھن مگر انهن سڀني ڳوٺن ۽ سوسائٽيز کي ڪراس ڪري جيل تائين گيس جي پائيپ لائين وڇائي پئي وڃي مگر مقامي ماڻھن کي ٺپ جواب ڏنو پيو وڃي ۽ ٻي ڳالهه ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو به آيل آھي ته جتان به گيس نڪري اتان جي پنج ڪلوميٽر جي ويجھڙ واري علائقي کي لازمي گيس ڏني وڃي مگر هتي ابتو قانون هلي رهيو آھي، قادرپور گيس فيلڊ ڀرسان واقع ڳوٺن ۾ گهرن جي ڀتين ٻاهران ٿڦيل ڇيڻان ۽ ڪاٺين جا ڊيپو ان ڳالهه جا شاهد آھن ته ڄاڻائيل ڳوٺن ۾ گيس ناهي، اسانجي اقتداري ايوانن ۾ ويٺل پارٽين انهن جي نمائندن، وفاقي حڪومتن، صوبائي حڪومتن، توڙي واڳ ڌڻين کي وينتي آھي ته خدارا مقامي ماڻھن تي رحم ڪري هتان جي رهواسين کي ٻيو ڪجهه نه گيس ضرور ڏنو وڃي ته جيئن هتان جا مسڪين ماروئڙا ڪو سُک جو ساه کڻي سگهن،










