بيجنگ: (ويب ڊيسڪ) چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ تعاون کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي.چيني ترجمان چيو آهي ته چين دهشتگردي جي خاتمي وارين ڪاررواين کي اڳيان وڌائڻ ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو، پرڏيهه ۾ رهندڙ چيني شهرين جي سرگرمين ۽ ادارن جي سلامتي جي ثابت قدمي سان گڏ حفاظت ڪرڻي پوندي.،هن چيو ته پاڪستان ۽ چين مضبوط لاڳاپن کي ڪمزور ڪرڻ وارين سمورين سازشن کي ناڪام بنائڻ ۽ دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو عزم ۽ صلاحيت رکن ٿا. لين جيان انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته چين ۽ پاڪستان سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون جا ڀائيوار آهن. چين ۽ پاڪستان ۾ گڏيل اعتماد ۽ تعاون کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي.هن چيو ته چين پاڪستان جي معاشي، سماجي ترقي ۽ ماڻهن جي ذريعه معاش کي بهتر بنائڻ جي حمايت جاري رکندو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون مضبوطي سان اڳيان وڌائيندو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو پهچايو وڃي.










