پاڪستان 114 تي آل آئوٽ، ڀارت61 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

پاڪستان 114 تي آل آئوٽ، ڀارت61 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پوري ٽيم 18 اوورن ۾ 114 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، اخري وڪيٽ عثمان طارق جي هئي جنهن کي هاردڪ پانڊي بولڊ ڪيو، شاهين آفريدي 19 بالن تي 23 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڀارت هاءِ وولٽيج ميچ ۾ پاڪستان کي 61 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان جي بيٽنگ مڪمل طور ناڪام نظر آئي.  176 رنز جي ٽارگيٽ لاءِ پاڪستان جي اوپنرز کي پهريون اوور هاردڪ پانڊي ڪرايو ۽ چوٿين ڊاٽ بال تي صاحبزاده فرحان بنا رن ٺاهڻ جي رنڪو سنگهه هٿان ڪيچ ٿيو ۽ اوور ميڊن رهيو. ٻيو اوور جسپريت بومرا ڪرايو، جنهن کي صائم ايوب پهرين بال تي ڇڪو هنيو ۽ ٻئي بال تي امپائرايل بي ڊبليو آئوٽ ڏنو پر رويو ۾ به کيس آئوٽ قرار ڏنو ويو. 6 رنز تي پاڪستان جا ٻئي اوپنر واپس پويلين موٽيا، بومرا کي سلمان آغا چوڪو هڻي ٻئي اوور جي آخري بال تي هاردڪ پانڊي هٿان ڪيچ ٿي ويو. پنجين اوور ۾ عثمان خان اڪثر پٽيل کي لڳاتار 2 چوڪا هنيا پر پنجين اوور جي پنجين بال تي بابر اعظم بولڊ ٿي ويو، 7 بالن تي 4 رنز ٺاهيائين. 5 اوورن ۾ 34 تي پاڪستان جا ٽاپ 4 بيٽر آئوٽ ٿي ويا. 11 هين اوور ۾ عثمان خان هڪ ڇڪي ۽ 6 چوڪن سان 34 بالن تي 44 رنز ٺاهي اڪثر پٽيل جي بال تي اسٽيمپ آئوٽ ٿيو. جنهن بعد محمد نواز کي ڪلديپ، شيوام ڊوبي هٿان ڪيچ ڪرايو، شاداب خان 15 بالن تي 14 رنز ٺاهي تلڪ ورما جي بال تي ڊوبي هٿان ڪيچ ٿيو، 78 رنز تي پاڪستان 6 رانديگر آئوٽ ٿي ويا. 15 هين اوور ۾ تلڪ ورما پنهنجي بال تي شاهين جو ڪيچ ڊراپ ڪيو. فهيم اشرف 10 رنز ٺاهي ورون چڪرورتي جي بال تي رنڪو سنگهه هٿان ڪيچ ٿيو. ابرار احمد کي ورون چڪرورتي ايل بي ڊبليو ڪيو، هن ٻن بالن تي 2 وڪيٽون ورتيون. 16 اوورن ۾ 97 تي پاڪستان جا 9 آئوٽ هئا. ان کان اڳ ڀارت 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنز ٺاهيون. صائم ايوب 3 وڪيٽون ورتيون ۽ 2 ڪيچ پڪڙيا. آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي ميچ ۾ پاڪستان ڀارت خلاف ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ايشان ڪشن جيڪو وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين آهي، تنهن اڀيشڪ شرما سان اننگ شروع ڪئي. پهريون اوور ڪپتان سلمان خان ڪرايو جنهن ۾ بريڪ ٿرو ڪندي اڀيشڪ شرما کي زيرو تي شاهين آفريدي هٿان ڪيچ آئوٽ ڪرايو. ٻيو اوور شاهين آفريدي ڪرايو کيس 15 رنز پيون. پاور پلي جي 6 اوورن ۾ ڀارت هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 56 رنسون ٺاهيون. ستين اوور ۾ ابرار کي ٻه لڳاتار چوڪا هڻي 27 بالن تي ٻن ڇڪن 7 چوڪن جي مدد سان ايشان ڪشن ففٽي مڪمل ڪئي. هن 40 بالن تي 77 رنز ٺاهيون ته نائين اوور ۾ صائم ايوب کيس بولڊ ڪري پاڪستان لاءِ وڏو رليف ڏياريو، ڇو ته هو ڪافي پراعتماد نموني شاٽس کيڏي رهيو هو. يارهين اوور ۾ عثمان طارق کي پهرين بال تي ڇوڪو لڳو پر بعد ۾ هن ڊاٽ بال ڪرايا ۽ 7 رنسون ڏنيون، ٻارهين اوور ۾ نواز ايل بي ڊبليو جو رويو ورتو پر بال وڪيٽ ۾ لڳڻ باوجود امپائر آئوٽ نه ڏنو. 14 اوورن ۾ ڀارت ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 125 رنسون ٺاهيون. صائم ايوب 15 هين اوور ۾ ٻن بالن تي لڳاتار 2 وڪيٽون ورتيون، تلڪ ورما کي ايل بي ڊبليو ڪيو، هن 24 بالن تي 25 رنز ٺاهيون، جنهن بعد هاردڪ پانڊي پهرين بال تي بابراعظم هٿان ڪيچ ٿيو، هيٽ ٽرڪ وارو بال به مس ٿيو۽ ڪيپر اسٽيمپ جي اپيل ڪئي پرامپائر آئوٽ نه ڏنو ڇو ته پليئر ڪيريز ۾ موجود هو. 17 هون اوور عثمان طارق ڪرايو ۽ ارڙهون اوور ابرار ڪرايو کيس هڪ چوڪو ۽ هڪ ڇڪو لڳو هن 3 اوورن ۾ 38 رنز ڏنيون. 19 هون اوور عثمان طارق ڪرايو جنهن ۾ سوريا ڪمار ياديو کي صائم ايوب هٿان ڪيچ ڪرائي وڪيٽ ورتي، جنهن 3 چوڪن جي مدد سان 29 بالن تي 32 رنز ٺاهيون. آخري اوور شاهين آفريدي ڪرايو جنهن کي پهرين بال تي ڊوبي چوڪو هنيو، ٻئي بال تي هڪ ۽ ٽئين بال تي چوڪو لڳو، چوٿين بال تي ڇڪو لڳو، پنجين بال تي هڪ رن ٺهي ٻئي رن جي چڪر ۾ شيوام ڊوبي رن آئوٽ ٿيو هن 17 بالن تي 27 رنسون ٺاهيون، آخري بال تي اڪثر پٽيل صائم ايوب هٿان ڪيچ ٿيو. شاهين ٻن اوورن ۾ 31 رنز ڏنيون. شاداب خان هڪ اوور ۾ 17 رنسون ڏنيون، سلمان آغا ٻن اوورن م 10 رنس ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي، صائم ايوب 4 اوورن ۾ 25 رنس ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، محمد نواز 4 اوورن ۾ 28 رنسون ڏنيون ڪا وڪيٽ کيس نه ملي، عثمان طارق 4 اوورن ۾ 24 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ ڪولمبو جي پريماداسا اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني ڪپتان سلمان آغا ٽاس کٽي ۽ ڀارت کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني. پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪپتانن ٽاس دوران هٿ نه ملايو، پاڪستان ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي. پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ صائم ايوب، صاحبزاده فرحان، بابر اعظم، سلمان علي آغا، عثمان خان، شاداب خان، محمد نواز، فهيم اشرف، شاهين آفريدي، ابرار احمد ۽ عثمان طارق شامل آهن.ڀارتي ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن. اڀيشڪ شرما ۽ ڪلديپ ياديو کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي.اڄ ڪولمبو ۾، بالنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ ۾ صلاحيتن جو استعمال ۽ اعصاب ۽ صلاحيتن جو امتحان ظاهر ڪيو ويندو. جيڪڏهن ڀارتي ٽيم وٽ بيٽنگ هٿيار آهي،ڀارتي بيٽسمين عثمان طارق جي منفرد بالنگ ايڪشن بابت پريشان آهن. پاڪستان خلاف ميچ کان اڳ ڪولمبو ۾ نيٽ سيشن دوران، هندستاني بيٽسمينن بالرن جي سامهون عثمان طارق جي بالنگ ايڪشن جي مشق ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو