راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽرافي جي رونمائي ڪئي وئي.راولپنڊي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي ٽرافي جي رونمائي ڪئي وئي، ٽرافي جي پڌرائي واري تقريب ۾ ٻنهي ٽيمن جي ڪپتان بابر اعظم ۽ بين اسٽوڪس شرڪت ڪئي.ياد رهي ته ٽيسٽ سيريز جي ٽرافي جي پڌرائي گذريل ڏينهن ٿيڻي هئي پر انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جي انفيڪشن سبب ٽرافي جي رونمائي نه ٿي سگهي هئي.










