پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 2.78 سيڪڙو ريڪارڊ

پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 2.78 سيڪڙو ريڪارڊ

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 3 سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 592 نوان مريض سامهون آيا آهن ۽ وبا سبب وڌيڪ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) موجب گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا جا 21 هزار 264 ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته 592 مريض رپورٽ ٿيا آهن. اين آءِ ايڇ جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.78 سيڪڙو هئي، جڏهن ته 174 ڪورونا مريضن جي حالت نازڪ آهي. گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن مان سنڌ ۾ 6 ۽ ڪي پي ڪي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ ڪيسن جي شرح ديامر ۾ 21.43 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. اين آءِ ايڇ موجب لاهور ۾ ڪيسن جي شرح 5.38 سيڪڙو، گلگت ۾ 4.17 سيڪڙو جڏهن ته پشاور ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 6.71 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 3.27 سيڪڙو، اسڪردو ۾ 4.17 سيڪڙو، مردان ۾ 3.23 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 1.94 سيڪڙو. ميرپور آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جي شرح 2.86، نوشهره ۾ 3.13، فيصل آباد ۾ 2.78، ايبٽ آباد ۾ 2.48، صوابي ۾ 2.06، سرگوڌا ۾ 1.43 سيڪڙو جڏهن ته جهلم ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 1.12 سيڪڙو رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو