اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن ۾ 56 وڌيڪ مريض فوت ٿي ويا ۽ 3هزار138 نوان ڪورونا وائرس جا ڪيسَ رپورٽ ٿيا. ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 40هزار502 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 3هزار138 ماڻهن ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي ، جڏهن ته 56 ڪورونا جا مريض فوت ٿيي ويا.ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جوڪل تعداد 8هزار603 ٿي چڪو اهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 4لک 29هزار280 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 46هزار376 آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2030ڪورونا جا مريض صحتياب ٿيا آهن صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 3لک74هزار301 ٿي چڪو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک89هزار687 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 3هزار099 ڪورونا جا مريض هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لکپ25هزار250 آهي ۽ وائرس سبب 3هزار265 ڪورونا جا مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 17هزار604 آهي ۽ فوتين جو تعداد 171ٿي چڪو آهي. خيبر پختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 50هزار762 ٿي چڪو آهي ۽ 1هزار439 ڪورونا جا مريض فوت ٿي آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 7هزار517 ڪيس رڪارد ٿيا آهن ۽ 183 مريض فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا مريضن جو تعداد 4هزار765 ٿي چڪو آهي ۽ 98 مريض ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 3هزار395 ٿي چڪو آهي ۽ 348 ٽوٽل ڪورونا مريض فوت ٿي چڪا آهن.










