اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ڪورونا جا مثبت ڪيس وڌي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح لڳ ڀڳ 3 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.اين آءِ ايڇ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4334 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 129 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.98 سيڪڙو رهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب ڪو به فوتگي ناهي ٿيو.ان کان علاوه لاهور ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 8.22 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ملتان ۾ اها شرح 1.89 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 4.20 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 1.33 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.










