ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ جي جاري ڪيل هڪ رپورٽ موجب گذريل مالي سال جي ابتدائي ٽن ڪوارٽرز يعني جولاءِ 23 کان مارچ 2024 تائين ملڪ ۾ ڊجيٽل ادائگين جي شرح م ڪافي اضافو ٿيو آهي. ريزڪي ادائگين جي مد ۾ 83 سيڪڙو پيمينٽ ڊجيٽل طور تي ڪئي وئي، رڳو 17 سيڪڙو آن دي ڪائونٽر ڪيش ادائگي ڪئي وئي. رپورٽ موجب هڪ لک 28هزار 470 ارب روپين جي ماليت جي 9 مهينن ۾ ڏيتي ليتي ڊجيٽل ٽولز ذريعي رڪارد ٿي آهي. جنهن ۾ 47 سيڪڙو فنڊ ٽرانسفر، 33 سيڪڙو ڪيس وٿڊرال، 11 سيڪڙو پوائنٽ آف سيل ذريعي ادائگي ڪئي وئي. 6 سيڪڙو بلن جي ادائگي ۽ موبائيل ٽاپ اپ جي ادائگي ڪئي وئي ۽ باقي ٽيڪس،. فيس ۽ سرڪاري ادائگيون شامل آهن. ڊجيٽل ادائگين ۾ پوئين سال جي ان عرصي جي ڀيٽ م 8 سيڪڙو وڌيڪ ادائگيون ڊجيٽل انسٽرومينٽ ذريعي ڪيون ويون. پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ 70 لک ماڻهو موبائيل بئنڪنگ ايپز استعمال ڪري رهيا آهن. هڪ ڪروڙ 10 لک انٽرنيٽ بئنڪنگ ۽ 30 لک ماڻهو اِي واليٽ استعمال ڪري رهيا آهن. ادائگي جون خدمتون پوري پاڪستان ۾ هڪ وسيع نيٽ ورڪ ذريعي مهيا ڪيون ويون آهن، جن ۾مختلف بئنڪن جي 18,049 شاخن، 18,655 ATMs، 120,641 POS ٽرمينل، ۽ 648,333 BB ايجنٽ شامل آهن. 14 ڪروڙ ٽرانزيڪشنس راست ذريعي ڪيون ويون.










