ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
پاڪستان اندر انتهائي خطرناڪ سياسي بحران جنم ورتو آهي ، قومي اسيمبيل اسپيڪر خلاف عدم اعتماد رٿ پيس ڪري آئين ۾ به ڪافي ڏکيائي پيدا ڪئي وئي جيئن مونجهارو پيدا ٿئي اهو ئي سبب آهي جو اسپيڪر جي جاء تي ، ڊپٽي اسپيڪر عدم اعتماد جي رٿ خلاف ووٽنگ واري اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو جنهن م چودرري فواد حسين پاران پيس ڪيون عدم اعتماد خلاف ته پاڪ دشمن قوتون پاڪستان اندر زبردستي پيسا استعمال ڪري ملڪ جي وزيراعظم سنميت ملڪ اندر انتشار پيدا ڪري رهيون آهن ان ڪري هن عدم اعتماد جي رٿ کي رد ڪيو وڃي . ائين ئي ٿيو ڊپٽي اسپيڪت به آئين قانون کي استعما ڪندي عدم اعتماد جي رٿ کي ڪالعدم قرار ڏيئي درخواست ئي ختم ڪئي وئي ، جنهن بعد وزيراعظم جناب عمران خان به دير ئي نه ڪئي محسوس ڪندي ته اڪثريت امتحده اپوزيسن سان گڏ آهي صدر مملڪت پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي فوري قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي جنهن کان بعد مان سمجهان ٿو ته آئين قانون بابت اپوزيشن به فوري سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سان رجوع ڪيو آهي ، مان سمجهان ٿو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جا قابل احترام جج صاحبان به تاريخي فيصلو ڏيندا ، سماعت جاري آهي هڪ ڌر کي ٻڌو ويو آهي ٻي ڌر کي هاڻ ٻڌي ڪو تاريخي فيصلو ڏنو ويندو ، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته اسپيڪر آرٽيڪل 5 جو حوالو به ڏئي ته بي اعتمادي رٿ رد نٿو ڪري سگهي، ڪوشش آهي ته ڪيس جو جلد فيصلو ڏيون. چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ڊپٽي اسپيڪر رولنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ دليلن ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جي 21 مارچ 2022 جي فيصلي جو حوالو ڏيڻ چاهيان ٿو، اٽارني جنرل عدالت کي خاطري ڪرائي هئي ته ڪنهن اسيمبلي ميمبر کي اچڻ کان نه روڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اتحادي جماعتن کي نوٽيس نه ڪيو هو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته گذريل ڏينهن مختصر حڪم نامو جاري ڪيو هو، اسان گذريل ڏينهن اسيمبلي جي ڪارروائي تي ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون. بابر اعواڻ چيو ته صدارتي ريفرنس کي موجوده پاڻمرادي نوٽيس سان ٻڌو وڃي، منهنجي اپيل رڪارڊ ڪيو، عمران خان اجازت ڏني آهي ته عرض ڪيان ته اسان چونڊن لاءِ تيار آهيون، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان جي سامهون سياسي ڳالهيون نه ڪيو. جسٽس عمر عطا بنديال تحريري فيصلي ۾ لکيو ته ساٿي ججن چيف جسٽس سان رابطو ڪري ملڪ ۾ پيدا ٿيل آئيني صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو هو. ٻڌڻي دوران فاروق نائيڪ دليلن ۾ چيو ته اسپيڪر کي بي اعتمادي رٿ جمع ٿيڻ جي 14 ڏينهن ۾ اجلاس گهرائڻو هو، رٿ جمع ٿيڻ کانپوءِ 20 تاريخ تي اسپيڪر اجلاس نه گهرائڻ جو ڪو سبب نه ٻڌايو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته توهان جو ڪيس ته اسپيڪر جي قدمن بابت آهي، توهان ٻڌايو ته اسپيڪر صحيح ڪيو يا غلط؟ جسٽس منيب ريمارڪس ڏنا ته 100 اسيمبلي ميمبر آهن، 25 چون ٿا رٿ پيش ڪئي وڃي، 50 حق ۾ ناهن ته ڇا رٿ رد نه ٿي ويندي؟ فاروق نائيڪ چيو اڪثريت چئي ته رٿ پيش نه ٿئي ته نٿي ٿي سگهي، اسپيڪر بدران هائوس پيش ٿيڻ جي اجازت ڏيندو آهي. جسٽس منيب اختر چيو حڪومت اڪثريت ۾ آهي ۽ رٿ پيش ٿيڻ خلاف ووٽ ڏئي ته ڪا به رٿ پيش نٿي ٿي سگهي، ڇا اسپيڪر جو اختيار آهي ته هو رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏئي؟ اسپيڪر اجازت نه ڏئي ته پوءِ ڇا ٿيندو آهي؟ جسٽس اعجاز چيو جڏهن ليو گرانٽ نه هجي، تيستائين بي اعتمادي جي رٿ ناهي هوندي. چيف جسٽس سوال ڪيو ته ليو جو ڇا مطلب هوندو آهي؟ اسپيڪر طرفان ليو گرانٽ ڪرڻ جو ڇا ملطب هوندو آهي؟ جسٽس منيب اختر چيو ته اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ آهي ته اسپيڪر قرارداد رد ڪري سگهي ٿو. چيف جسٽس سوال ڪيو ته بي اعتمادي رٿ تي ڊائريڪٽ ووٽنگ جو ڏينهن ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي؟ رولز ۾ ته ووٽنگ کان اڳ بحث ڪرائڻ ضروري هوندو آهي، رولز موجب ٽي ڏينهن بحث ٿيڻو هو، بحث ڪرائڻ بنا ووٽنگ تي ڪيئن هليا ويا؟ فاورق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ ڊپٽي اسپيڪر کي رولنگ پڙهي ٻڌائي، جنهن تي جسٽس منيب اختر چيو ته اسپيڪر رولنگ ڪهڙي رول تحت ڏني؟ بي اعتمادي جي رٿ رد ڪرڻ جي رولنگ ڪهڙي رول تحت ڏني؟ ڇا ڊپٽي اسپيڪر رول 28 تحت اسپيڪر جو اختيار استعمال ڪندي رولنگ ڏئي سگهي ٿو؟ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اسيمبلي جي رول 28 تحت اسپيڪر ئي رولنگ ڏئي سگهي ٿو. جسٽس منيب اختر چيو ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ڪهڙي رول تحت ڏني وئي؟ اسپيڪر جا اختيار مختلف آهن ته پوءِ سپريم ڪورٽ جي اختيارن جي دائري جو سوال اٿندو. جسٽس منيب اختر چيو رول 28 تحت رولنگ اسپيڪر پاڻ ڏئي سگهي ٿو ٻيو ڪو نه، آئين تحت ڊپٽي اسپيڪر رڳو اجلاس جي صدارت ڪري سگهي ٿو. جسٽس اعجاز الاحسن سوال ڪيو ته ڇا رٿ تي بحث ۾ اسپيڪر رٿ غير قانوني هجڻ جي رولنگ ڏئي سگهي ٿو؟ فاروق نائيڪ چيو ته اسپيڪر وٽ ڪو اختيار ناهي ته بي اعتمادي رٿ کي غير قانوني قرار ڏئي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ پروسيجرل ڀڃڪڙي آهي يا آئيني ڀڃڪڙي؟ ان تي فاروق نائيڪ چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ آئيني ڀڃڪڙي آهي. چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڪهڙي جاءِ تي اسپيڪر رٿ قانوني ۽ غير قانوني هجڻ تي رولنگ ڏئي سگهي ٿو؟ اسپيڪر وٽ ڪو اختيار ناهي ته هو رٿ رد ڪري سگهي؟ اسپيڪر آرٽيڪل 5 جو حوالي به ڏئي ته رٿ کي رد نٿو ڪري سگهي. چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 69 ۾ اسپيڪر کي ڪنهن حد تائين آئيني تحفظ حاصل آهي؟ توهان کان وڌيڪ اسان جلد فيصلو ڪرڻ چاهيون ٿا. فاروق نائيڪ چيو ته صدر عبوري حڪومت قائم ٿيڻ تائين عمران خان کي قائم مقام وزيراعظم مقرر ڪيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته عبوري حڪومت قائم ڪرڻ کان اڳ فيصلو ڪرڻو پوندو. عدالت اڄ 12هين وڳي تائين ڪيس ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي ، مان عرض ڪيان ته هن وقت پاڪستان اندر سياسي حڪمت عملي جڙي رهي آهي ، ملڪ اندر ڇا ٿيندو ، ڪيل فيصلو رد ٿي ويو ته پوء صورت حال ڪير سنڀاليندو ، هن وقت به متحده اپوزيشن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف درميان سرد جنگ جاري آهي ، ملڪ اندر حالات وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿا اهري صورت حال م پاڪستان اندر ڇا ٿيندو ، اهي سوال به جنم وٺي رهيا آهن ، برحال هن وقت پاڪستان جي تاريخ جو منفرد فيصلو ٿيندو ، جهڙي ريت ڪپتان متحده اپوزيشن سميت منحرف پنهنجي پارٽي ميمبران پي ٽي آء خلاف به اهڙا ئي الزام آهن ته 25 ڪرور روپيا وٺي پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو آهي جنهن کان پوء مان عرض ڪيان ته جيڪڏهن هو اهري پوزيشن بعد عوام ڏانهن ويا ته انهن کي ٽماٽا به لڳندا ته پٽاٽا به لڳندا اهو ان ڪري جو پنجاب سميت سنڌ کان سواء بين صوبن ۾ شعور جنم ورتو آهي باقي سنڌ جو ته الله واهي آهي ، رهي ڳالهه قانون آئين جي ته سپريم ڪورٽ جي قابل احترام جج صاحبان جيڪو به فيصلو ڏيندي ان کي تسليم ڪرڻ سان گڏ مڪمل عمل به ڪرڻو پوندو .










