اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب فوتگين تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي تي پاڪستاني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو.آءِ ايم ايف جي نمائندي ماهر بينيجي چيو ته پاڪستان ۾ سانوڻي برسات ۽ ٻوڏ سب ٿيل نقصان جو جائزو ورتو پيو وڃي. ٻوڏ جي نقصان جي صورتحال مسلسل تبديل ٿي رهي آهي.ماهر بينيجي چيو ته توسيعي فنڊ ۽ سهولت جو مشن انهي ڳالهه جو جائزو ورتو ويندو ته ڇا پاڪستان جون مالياتي پاليسيون ۽ ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ جا قدم انهي بحران سان موثر طريقي سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا يا نه؟ هن وڌيڪ چيو ته اي ايف ايف ۽ آر ايس ايف سهولتون بيروني ۽ مالي استحڪام کي يقيني بنائڻ جي لاءِ استعمال ٿينديون آهن. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ناڻي واري وزارت کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجلي جي بلن ۾ رليف جي لاءِ عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) سان رابطي جي هدايت ڪئي هئي.










