ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڄ سڄو پاڪستان 77 هون آزادي جو ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي.صوبائي وزير چيو ته ڪجهه ٻار اسان لاءِ خاص آهن، اسان کي موجود سمورن وسيلن کي استعمال ڪندي انهن ٻارن جي خدمت ڪرڻي آهي، اڄ اسان دنيا کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته اسان کي پنهنجي ملڪ کي مضبوط بڻائڻو آهي.هن چيو ته پاڪستاني قوم آزادي جو ڏهاڙو، عيد يا ڪو ٻيو تهوار پوري جوش ۽ جذبي سان ملهائي ٿي، هندو تهوار هولي جڏهن ته عيسائي برادري ڪرسمس ۽ ٻيا تہوار ملهائي ٿي پر پوري قوم يوم آزادي ملهائي ٿي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مختلف مذهب پاڪستان جو حسن آهن، اسان سڀ متحد آهيون ۽ اڄ سڄو پاڪستان 77 هون آزادي جو ڏهاڙو گڏجي ملهائي رهيو آهي، اسان جو ملڪ هڪ طاقتور ۽ مضبوط ملڪ آهي.سينيئر وزير وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجا اختلاف، رنجشون ۽ اختلاف ختم ڪري نفرتن کي دفن ڪرڻ گهرجي.










