اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ پهرين اپريل کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو اندازو آهي ته ملڪ ۾ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 کان 20 رپيا في ليٽر جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 4 کان 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.ٻئي پاسي انڊسٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جو امڪان آهي ته حڪومت قيمتن ۾ ڦيرڦار نه ڪري.










