اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ اينٽي بايوٽڪ دوائن جي استعمال ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. ماهرن موجب پاڪستان ۾ گذريل سال 120 ارب رپين جون اينٽي بايوٽڪ دوائون استعمال ڪيون ويون، جن مان 70 سيڪڙو کان وڌيڪ غير ضروري هيون. ماهرن جو چوڻ آهي ته غير ضروري اينٽي بايوٽڪ دوائن سبب انساني جسم ۾ بيڪٽيريا جي خلاف مزاحمت وڌي رهي آهي، پاڪستان ۾ 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪورونا جا مريض اينٽي بايوٽڪ دوائون استعمال ڪري چڪا آهن.طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل اسٽورن تي پريسڪرپشن کانسواءِ اينٽي بايوٽڪ دوائون ڏيڻ تي پابندي لڳائي وڃي.










