اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ ڪينيڊا ٻطرفن لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي گڏيل پڌرنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، اسحاق ڊار ۽ ڪينيڊين پرڏيهي وزير واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڪينيڊا اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تائين پهچڻ ۾ پاڪستان جي ثالثي واري ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، پاڪستان ۽ ڪينيڊا اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد ۽ پائيدار جنگ بندي جي حمايت جي عزم کي ورجايو. پاڪستان ۽ ڪينيڊا فارن انويسٽمينٽ پروٽيڪشن اينڊ پروموشن معاهدي تي ڳالهيون جلد مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. پاڪستان ۽ ڪينيڊا واپار ۽ سيڙپڪاري بابت گڏيل ورڪنگ گروپ کي ٻيهر فعال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان پرڏيهي آفيس موجب، صاف توانائي، کاڻين جي کوٽائي (ڪان ڪني)، بنيادي ڍانچي، زراعت، نئين ٽيڪنالاجي ۽ ماحوليات ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ڪينيڊين ڪمپني جي 240 ميگاواٽ جي ‘ڌابيجي هائبرڊ ونڊ سولر’ منصوبي کي پاڪستان ۾ اهم سيڙپڪاري قرار ڏنو ويو، جڏهن ته زراعت، ڪينولا، دالين، سويابين، چانورن، مڙسالن ۽ ميون جي ٻطرفي واپار کي وڌائڻ تي پاڪستان ۽ ڪينيڊا اتفاق ڪيو. ڪينيڊين ڪينولا جي درآمد لاءِ نئين ‘فائيٽو سينيٽري پروٽوڪول’ تي دستخط ڪيا ويا. ترجمان پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا معدنيات جي شعبي ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي اتفاق ڪيو آهي. ڪينيڊا پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي واري ڪوششن لاءِ گڏيل قومن ۽ انٽرپول ذريعي سهڪار جاري رکڻ جو اعلان ڪيو. ترجمان موجب، ڪينيڊا پاڪستان ۾ تعليم، موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ ۽ صحت جي شعبن ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ سهڪار جو به اعلان ڪيو. پاڪستان ۽ ڪينيڊا اعليٰ سطح جا رابطا جاري رکڻ ۽ ٻطرفي سهڪار جو ساليانو جائزو وٺڻ تي اتفاق ڪيو آهي.










