ڏکڻ آفريڪا جي دوري جي ميچز جو شيڊول جاري

ڏکڻ آفريڪا جي دوري جي ميچز جو شيڊول جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڏکڻ آفريقا سان ٿيندڙ آل فارميٽ سيريز جي ميچن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچي ۾ ڪا به ميچ نه کيڏي ويندي، سڀ ميچز پنجاب جي شهرن ۾ ٿينديون.پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 15 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻئي ٽيسٽ ميچ 20 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾ شيڊول آهي. ٽيسٽ سيريز کان پوءِ 3 ٽي-ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جو پهريون ميچ 28 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾ ٿيندو، جڏهن ته باقي ٻه ميچ 31 آڪٽوبر ۽ پهرين نومبر تي لاهور ۾ کيڏيا ويندا. 17 سالن کان پوءِ فيصل آباد ون ڊي انٽرنيشنل ميچ جي ميزباني ڪندو، جتي ڏکڻ آفريقا خلاف ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز 4 کان 8 نومبر تائين کيڏبي. واضح رهي ته پاڪستان 12 آڪٽوبر کان ڏکڻ آفريقا سان گڏ آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جي ميزباني ڪندو. هن حوالي سان پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد سيد جو چوڻ آهي ته 17 سالن بعد فيصل آباد ۾ ون ڊي انٽرنيشنل جي واپسي هڪ تاريخي لمحو آهي، ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اها سيريز معياري ڪرڪيٽ آڻيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو