اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپار ۽ سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. پڌرائي موجب يورپي يونين پاڪستان ۾ اعليٰ سطحي بزنس فورم منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اي يو پاڪ بزنس فورم 28 ۽ 29 اپريل تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو جنهن ۾ يورپي ۽ پاڪستاني سرمائيڪار ڪاروباري شخصيتون شرڪت ڪنديون. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته يورپي يونين دنيا جي سڀني کان وڏي سنگل مارڪيٽ ۽ پاڪستان جي وڏي برآمدي منڊي آهي، فورم جو مقصد واپاري لاڳاپن کي سرمائيڪاري ۾ تبديل ڪرڻ ۽ صنعتي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي.انهي کان علاوه اي يو پاڪ بزنس فورم ۾ زرعي ڪاروبار، ڊيجيٽل انوويشن، فن ٽيڪ، گرين لاجسٽڪس، ٽيڪسٽائل، اهم شعبا غور هيٺ ايندا. يورپي يونين جو گلوبل گيٽ وي پروگرام پاڪستان ۾ 400 ارب يورو جي سرمائيڪاري لاءِ موقعا فراهم ڪندو جڏهن ته پاڪستان ۾ 300 کان وڌيڪ يورپي ڪمپنيون پهريان ئي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن.پڌرائي ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته فورم جي دوران 600 کان وڌيڪ بزنس ٽو بزنس ملاقاتون شيڊول آهن، سرمائيڪارن ۽ يورپي مالياتي ادارن جي وچ ۾ خصوصي ملاقاتون به ٿينديون. فورم پاڪستان کي يورپي سرمائيڪاري جي لاءِ هڪ پرڪشش مرڪز بنائڻ ۾ مدد ڏيندو. يورپي يونين پاڪستان سان ڊگهي اقتصادي ڀائيواري جي ارادن جو اظهار به ڪيو ۽ چيو ته فورم مان نجي شعبي جا رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.










