نيويارڪ: (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقات ڪئي.ملاقات سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ٿي، جنهن ۾ اسحاق ڊار فلسطين تي هڪ اهم اجلاس سڏائڻ تي برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري يويٽ ڪوپر جو شڪريو ادا ڪيو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.ملاقات ۾ عوام کان عوام جي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ اعليٰ سطحي رابطن کي جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو. گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي اثرائتي تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.










