پاڪستان ۽ ايران ٻطرفي واپار کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ لاءِ پرعزم

پاڪستان ۽ ايران ٻطرفي واپار کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ لاءِ پرعزم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ايران جي اختيارين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار وڌائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن بابت ايراني ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تفتان بارڊر ريلوي اسٽيشن تان واپار ٿيندو.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تفتان ريلوي اسٽيشن تي لوڊنگ، ان لوڊنگ، ڪسٽمز ڪليئرنس ۽ برآمد توڙي درآمد جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ٻنهي ملڪن جي ان قدم سان ٻطرفي واپار کي هٿي ملڻ جي اميد آهي، آمدورفت آسان ٿيندي ۽ خرچ گهٽبا، جڏهن ته ان فيصلي سان قانوني واپار ۾ واڌ پڻ متوقع آهي. ايراني ريلوي موجب، اهو فيصلو ايران ۽ پاڪستان جي ريلوي اختيارين جي وچ ۾ ٽيليفونڪ گفتگو کانپوءِ ڪيو ويو، ٻئي ملڪ ٻطرفي واپار کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو