حفيظ پرهياڙ
پاڙيسري ملڪ ايران ۽ پاڪستان جا تعلقات روز اول کان مثالي رهيا آهن ايران ۾ انقلاب کان پوء به ٻنهي ملڪن جي تعلقاتن ۾ ڪا ڪمي نه آئي ٻنهي ملڪن جي قومن جو پاڻ ۾ انتهائي جذباتي لڳاء سالن کان هلندو اچي هر سال لکين پاڪستاني زيارتن لاء ايران جو سفر ڪندا آهن جڏهن ته پاڪستان پڻ هر ڏکي گهڙي ۾ ايران جو ساٿ نڀائيندي هر بين القوامي فورم تي ايران جي موقف جي حمايت ڪئي آهي۔ اهڙي مثالي دوستي ۽ تعلقاتن جي باوجود گذريل اڱاري واري رات بنا اطلاع جي ايراني فورسز پاران پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪندي صوبي بلوچستان جي سرحدي ڳوٺ سبزھ ڪوھ ۾ هڪ رهائشي علائقي کي نشانو بڻائندي ميزائيل ۽ ڊرون سان حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ٻن معصوم ٻارن سميت چار ماڻهو زخمي ٿيا هي هڪ اهڙو واقعو ٿيو جنهن ڪري قوم جي اندر ڏک ۽ مايوسي جي لهر ڇائنجي وئي پاڪستان پاران هن ايراني جارحيت تي بنا دير جي ساڻس سفارتي لاڳاپا ختم ڪندي تهران ۾ مقيم پنهنجو سفير گهرائي ورتو ۽ ايران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ملڪي پرڏيهي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ واضح ٻڌايو ته ايران پاران حملو پاڪستان جي سالميت ۽ عالمي قانون توڙي گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن خلاف آهي اهڙو غير قانوني عمل ڪنهن به صورت ۾ ناقابل برداشت هوندو۔ پاڪستان جي اهڙي درعمل اچڻ کان پوء ايران جي پرڏيهي کاتي پڻ پنهنجو موقف جاري ڪيو جنهن ۾ اهيو تسليم ڪيو ويو ته اسين پاڪستان جي خودمختياري ۽ علاقائي سالميت جي حمايت ڪيون ٿا ليڪن ڄاڻايل حملو پاڪستان ۾ پناھ ورتل ايراني دهشتگرد گروپ جيش العدل کي نشانو بڻائڻ لاء ڪيو ويو جڏهن ته هن ايراني جاحيت جي 48 ڪلاڪن اندر پاڪستان جي فورسز پاران ايران جي صوبي سيستان ۾ دهشتگردن جي خلاف فضائي آپريشن ڪيو جنهن ۾ مڊيا رپورٽن موجب ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا۔ پاڪستان پاران ڪيل آپريشن کي ´´مارگ بر سرمچار“ جو نالو ڏنو آهي ۽ جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ڄاڻايل دهشتگرد ايران جي حڪومتي عملداري کان محروم علائقن ۾ رهائش پذير هئا جن کي عبرت جو نشان بنائڻ لاء آپريشن ´´مارگ بر سرمچار“ ڪيو ويو هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي هن کان پهريان به ايراني سرحد پاڪستان ۾ دهشتگردي ڦهلائڻ ۾ استعمال ٿيندي رهي آهي جن ۾ جلگني سيڪٽر ۽ ڪيچ ۾ پاڪستاني سڪيورٽي فورسز تي حملو ۽ بلوچستان جي ضلعي پنگجوڙ ۾ پاڪ ايران سرحد وٽ ايران پاران دهشتگردي جي ڪارواين ۾ 4 سڪيورٽي اهلڪارن جو شهيد ٿي وڃڻ وارا واقعا سرفهرست آهن۔ هنن ٿيندڙ اڻوڻندڙ واقعن کان پوء ٻنهي ملڪن جي تعلقاتن وچ ۾ ڪشيدگي وڌي وئي آهي ۽ هي صورتحال ٻنهي ملڪن لاء سٺو سئوڻ نه چئبي خطي ۾ امن جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاء ٻنهي ملڪن کي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪندي مسئلي کي سلجھائڻ گهرجي










