ليکڪ :حميد حڪيمي
افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازو وڌندڙ ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن جو تصور به مشڪل هو جڏهن پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت 2021ع جي آگسٽ ۾ ڪابل ۾ طالبان جي اقتدار ۾ واپسي تي خوشيون ملهائي رهي هئي. اسلام آباد کي يقين هو ته طالبان جي حڪومت پاڪستان دوست ثابت ٿيندي ۽ ملڪ لاءِ ڪنهن به سيڪيورٽي خطري جي مقابلي ۾ هڪ مضبوط ڀت بڻبي. آخرڪار، پاڪستان جي فوج ۽ ان جي خفيه اداري “آءِ ايس آءِ” ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين افغان طالبان جي حمايت ڪندي رهي هئي.
ٻنهي ملڪن جو تضاد ڀريو لاڳاپو
2001ع کان 2021ع تائين پاڪستان جي پاليسي تضادن سان ڀرپور رهي. هڪ طرف پاڪستان آمريڪا جي افغانستان ۾ فوجي ڪارروائي جي حمايت ڪئي ۽ ڪابل ۾ آمريڪي حمايت يافته حڪومتن کي تسليم ڪيو، پر ٻئي طرف ساڳئي وقت طالبان کي پاڪستاني سرزمين تي منظم ٿيڻ ۽ وڌڻ جي اجازت به ڏني. ان دور ۾ طالبان سان گڏ ڪجهه پاڪستاني عسڪري تنظيمون به ڪم ڪنديون رهيون. هاڻي ٻنهي ملڪن ۾ اهو لاڳاپو مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي، جيئن پاڪستاني هوائي فوج هن هفتي پهريون ڀيرو ڪابل ۾ هدفن تي حملو ڪيو آهي. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ توقعن جي تضاد ۽ هڪ ٻئي جي صلاحيتن جي بي احترامي سبب لاڳاپن جي بحالي هاڻي ڏکي نظر اچي ٿي.
ٻنهي ملڪن جا ڪهڙا مفاد خطري ۾ آهن؟
پاڪستان جي سيڪيورٽي پاليسي هميشه فوج ۽ آءِ ايس آءِ جي هٿ ۾ رهي آهي ۽ اهي ئي هاڻي به ملڪ جي افغان پاليسي کي طئي ڪن ٿا. تاريخي طور، پاڪستان جي فوج هميشه گهڻي طاقتور رهي آهي ۽ گهڻو ڪري پاڪستان ۾ سياسي حڪومتن تي به غالب رهي آهي. 2021ع ۾ طالبان جي واپسي کان پوءِ پاڪستان جي سيڪورٽي فورسز تي غير متوقع طور دهشتگرد حملا وڌي ويا. صرف 2025ع جي 9 مهينن ۾ 2,400 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جيڪي گذريل سال جي ڪل انگ 2500 کان ٿورا گهٽ آهن. پاڪستان انهن مان اڪثر حملن جو الزام تحريڪ طالبان پاڪستان (TTP) تي لڳائي ٿو، جن جا اڳواڻ هاڻي افغانستان ۾ موجود آهن. پاڪستان کي اميد هئي ته جڏهن ڪابل ۾ طالبان حڪومت ايندي ته اهي TTP اڳواڻ افغانستان ڇڏيندا، پر اهو نه ٿيو. TTP جو مطالبو آهي ته سرحدي قبائلي علائقن ۾ اسلامي قانون لاڳو ڪيو وڃي ۽ انهن کي اڳئين خودمختياري واري حيثيت واپس ڏني وڃي.
افغانستان لاءِ چيلينج
افغانستان ۾ طالبان حڪومت، جيڪا سخت پابندين ۽ عالمي اڪيلائپ جو شڪار آهي، ڏاڍن معاشي ۽ انساني بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي. چار سال گذرڻ باوجود، صرف روس ئي آهي جنهن طالبان حڪومت کي باقاعدي طور تسليم ڪيو آهي، جڏهن ته چين، ڀارت ۽ ايران جهڙا ملڪ به هاڻي انهن سان سفارتي لاڳاپا رکڻ لڳا آهن. افغان معيشت تقريباً تباهيءَ جي ڪناري تي آهي، صحت ۽ تعليم جا ادارا بند ٿيڻ جي خطري ۾ آهن، ۽ گڏيل قومن جون امدادي ايجنسيون به مالي بحران سبب مدد گهٽائي رهيون آهن. اهڙي حال ۾ پاڪستان سان ويڙهه افغانستان جي مسئلن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيندي.
ڇا پاڪستان ۽ طالبان جي پراڻي دوستي بحال ٿي سگهي ٿي؟
هن وقت ٻئي ڌريون پنهنجي موقف تي اٽل نظر اچن ٿيون. عارضي جنگبنديون ٿيڻ باوجود، ڪا به ڌر پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي. پاڪستاني حڪومت هاڻي طالبان حڪومت کي “رجيم” (regime) سڏي ٿي، ۽ افغانستان ۾ گهڻ پارٽي حڪومت جي گهر ڪري ٿي. پاڪستان خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن طالبان TTP خلاف ڪارروائي نه ڪندا ته پاڪستان افغان علائقن ۾ حملن جو سلسلو جاري رکندو. پاڪستان وٽ طاقتور فوج، جديد هٿيار ۽ علائقائي اثر آهي. تازو ڀارت سان مئي 2025ع جي تڪرار ۾ پاڪستاني فوج پنهنجو پاڻ کي ثابت ڪيو آهي، جنهن سان ان کي وڌيڪ اعتماد مليو آهي.
پاڪستان سمجهي ٿو ته جيئن هنن افغان پناهگيرن کي پناهه ۽ تعليم فراهم ڪئي، تيئن افغانن کي شڪرگذار هجڻ گهرجي. ان ڪري افغان پناهگيرن کي ملڪ مان ڪڍڻ به طالبان تي دٻاءُ وجهڻ جو هڪ طريقو بڻجي سگهي ٿو. ٻئي طرف طالبان پاڻ کي “فاتح مجاهدين” سمجهن ٿا، جن هڪ عالمي طاقت آمريڪا کي شڪست ڏني. ان ڪري هو پاڪستان جي خلاف به ويڙهه کي ڪو وڏو خطرو نٿا سمجهن.
طالبان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معلوماتي جنگ
طالبان ترجمان پاڪستاني الزامن کي رد ڪندي چون ٿا ته پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ “داعش” جا ماڻهو آءِ ايس آءِ جي مدد سان ڪم ڪن ٿا. ان جي باوجود، افغانستان جو واپاري انحصار پاڪستان تي آهي، ڇو ته ملڪ زمين بند آهي ۽ گهڻو واپار پاڪستاني رستن وسيلي ٿيندو آهي. هاڻي اهي رستا بند ٿيڻ سبب ٻنهي ملڪن جا واپاري وڏن نقصانن کي منهن ڏئي رهيا آهن. طالبان وٽ فضائي دفاع جو نظام يا جديد هٿيار ناهن، جيڪي پاڪستاني ڊرون يا جهازن جو مقابلو ڪري سگهن.
ڇڪتاڻ گهٽائڻ جا رستا
پاڪستان TTP خلاف پنهنجي جنگ کي ڀارت سان تڪرار جو حصو قرار ڏئي ٿو، ۽ الزام لڳائي ٿو ته TTP کي نئين دهلي کان مدد ملي ٿي (جنهن جو طالبان موجب ڪو ثبوت ناهي) پاڪستان چاهي ٿو ته طالبان TTP کان پاڻ کي الڳ ڪن ۽ اسلام آباد سان گڏ بيهن. پر طالبان ۽ TTP جي وچ ۾ مذهبي، نظرياتي ۽ سماجي لاڳاپا گهرا آهن. جيڪڏهن طالبان TTP خلاف ويڙهه ڪن ٿا ته اهو “داعش خراسان” جهڙين خطرناڪ تنظيمن لاءِ جاءِ خالي ڪري سگهي ٿو. رڳو فوجي طاقت سان صورتحال حل نٿي ٿي سگهي، ڇو ته طالبان وٽ به پنهنجا اثرائتا هٿيار آهن. جيڪڏهن انهن جو اعليٰ مذهبي اڳواڻ، هيبت الله اخوند زاده، پاڪستان خلاف “جهاد” جو فتويٰ جاري ڪري، ته اها ڳالهه پاڪستان ۾ اندروني بحران پيدا ڪري سگهي ٿي.
ڪيترا پاڪستاني مذهبي گروهه به طالبان خلاف کلي جنگ جي حمايت نه ڪندا. ٻي طرف، جيڪڏهن پاڪستان افغانستان تي وڌيڪ حملا جاري رکندو، ته اهو افغان عوام کي طالبان جي حمايت ۾ وڌيڪ متحد ڪندو.
ممڪنه سفارتي حل
تڪرار کي روڪڻ لاءِ هڪ ڀروسي مند ثالثي واري ملڪ جي ضرورت آهي. اهڙي ڪردار لاءِ قطر ۽ سعودي عرب جهڙا ملڪ مناسب آهن، جيڪي ٻنهي ڌرين سان اعتماد تي ٻڌل لاڳاپا رکن ٿا. تازو طالبان جي پرڏيهي وزير امير خان متقي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ تصديق ڪئي ته قطر ۽ سعودي عرب جي وچ واري ثالثي کان پوءِ طالبان پاڪستان خلاف جوابي حملا بند ڪيا آهن. پر، سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ۾ امن لاءِ حقيقي ارادو پيدا ٿئي.
نتيجو
افغان ۽ پاڪستاني قيادت هڪ ٻئي کي سخت ڌمڪيون ڏئي رهيون آهن، ۽ سرحدن تي فائرنگ جاري آهي، پر ٻنهي کي خبر آهي ته جنگ ٻنهي لاءِ تباهي کڻي ايندي. هاڻي لاڳاپن کي اڳوڻي گرمجوشي تي آڻڻ ته مشڪل آهي، پر اهو به ممڪن ناهي ته غلط حساب ڪتاب ٻيهر نه ٿين. تاريخ ۽ جاگرافي ٻنهي قومن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ باهمي انحصار کي بهتر تعلقات ۾ بدلائڻ جي ضرورت آهي. افغان اڳواڻن کي گهرجي ته پاڪستان سان دوستيءَ جا رستا ڳولين، ۽ پاڪستان کي به پنهنجي افغان پاليسي کي ڀارتي رقابت کان آزاد ڪرڻو پوندو. دنيا کي افغانستان ۽ پاڪستان جي خطي ۾ ٻي جنگ نه گهرجي، ڇو ته امن کان بهتر ڪو رستو ناهي.
(نوٽ، هي مضمون الجزيره انگريزي تي پاڪستان ۽ افغانستان ۾ قطر ۾ ٿيل ڳالهين کان اڳ شايع ٿيو هو. آچر تي ٻنهي ملڪن جي دفاعي وزيرن جي وفدن مستقل جنگبندي تي اتفاق ڪيو آهي. ترڪيه ۽ قطر جي ڪوششن سان ٿيل جنگبندي معاهدي ۾ ٻنهي ملڪن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو آهي ته هو مستقبل ۾ وقت بوقت ملاقاتون ڪندا رهندا، سرحدي جهڙپن ۽ ڇڪتاڻ جي صورت ۾ رابطي جو مربوط نظام جوڙيو ويندو، جيئن صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪي سگهجي. اهو سوال وري به اهم آهي ته آخر هي جنگبندي ڪيتري پائيدار ثابت ٿيندي ۽ ڇا طالبان ڀارت جواثر رسوخ محدود ڪنري سگهندا؟-ايڊيٽر)










