پاڪستان ۽ افغانستان جي خراب ۽ سٺن تعلقات جي ٽائيم لائين

پاڪستان ۽ افغانستان جي خراب ۽ سٺن تعلقات جي ٽائيم لائين

ڪراچي(رپورٽ علي مرتضيٰ مهر) پاڪستان ۽ افغانستان ۾ تازو ٿيل جهڙپن ۽ حملن بعد ٻنهي ملڪن جي دفاع وارن وزيرن دوحا ۾ جنگ بندي جو معاهدو ڪيو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته هي معاهدو مستقبل ۾ ڪيترو پائيدار ثابت ٿئي ٿو. اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ ٻنهي ملڪن جي ابتدا کان وٺي هيستائين لاڳاپن ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن، دشمني ۽ دوستي جي اهم موقعن جي حوالي سان ٽائيم لائين پيش ڪريون ٿا، جنهن سان اوهان پاڻ ئي نتيجو ڪڍي سگهو ٿا.
ابتدائي دشمني (1947–1949)
🔴 30 سيپٽمبر 1947ع تي افغانستان دنيا جو واحد ملڪ هو، جنهن پاڪستان جي گڏيل قومن (UN) ۾ ميمبرشپ خلاف ووٽ ڏنو. سيپٽمبر 1947ع ۾ ڪابل حڪومت پنهنجي قومي جهنڊي سان گڏ هڪ ڪوڙو ”پختونستان“ جو جهنڊو به ڦڙڪايو ۽ نام نهاد پختونستان تحريڪ جو بنياد وڌو. افغان سفير نجيب الله پاڪستان کان فاٽا جو علائقو ڇڏڻ ۽ سمنڊ تائين لنگهه ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته جنگ ڪئي ويندي.
1948 ۾ افغانستان ”وزارتِ قبائل“ ٺاهي، جنهن جو مقصد پاڪستاني قبيلن کي پنهنجي حڪومت خلاف ڀڙڪائڻ هو. ساڳئي سال عبدالڪريم بلوچ جي نگرانيءَ ۾ افغانستان ۾ دهشتگرديءَ جا تربيتگاهه ٺهيا.
🔴 1949ع ۾ افغان فضائي فوج قبائلي علائقن ۾ پمفلٽ ڪيرايا جن ذريعي پاڪستاني قبائلين کي پختونستان تحريڪ جي حمايت لاءِ اپيلون ڪيون.
🔴 12 آگسٽ 1949ع تي فقير اپي افغانستان جي حمايت سان پختونستان تحريڪ جي حمايت جو اعلان ڪيو ۽ پاڪستاني جهنڊي جي بي حرمتي ڪئي. ان کان پوءِ پاڪستان افغانستان سان سفارتي لاڳاپا ڪٽي ڇڏيا.
🔴 31 آگسٽ 1949ع تي ڪابل ۾ لويا جرگه افغانستان حڪومت جي سرپرستيءَ هيٺ منعقد ٿيو، جنهن پاڪستان جي وجود کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ 31 آگسٽ کي ”پختونستان ڏينهن“ قرار ڏنو. فقير اپي ”سريستا گروپ“ نالي تنظيم ٺاهي پاڪستان خلاف پهريون گوريلا حملو ڪيو.
🔴 1949ع ۾ افغانستان چمن واري سرحد تان پاڪستان تي حملي جي ڪوشش ڪئي، پر پاڪستاني فوج ان کي پسپا ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ ڪابل جي درخواست تي قبضي ڪيل علائقو واپس ڪيو.
هندستاني اتحاد ۽ جارحيت (1950–1960)
🔴 1950ع ۾ افغانستان هندستان سان دوستيءَ جو معاهدو ڪيو، جنهن جو مقصد گڏجي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ هو. سيپٽمبر 1950ع ۾ افغان فوج بلوچستان جي بوغرا پاس تي حملو ڪيو، جيڪو هڪ هفتي جي جنگ کان پوءِ شڪست کائي واپس ٿي.
🔴 16 آڪٽوبر 1951ع تي افغان قوم پرست سيد اڪبر ببرڪ راولپنڊيءَ ۾ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان کي قتل ڪيو ۽ پاڪستان ۾ پهريون دهشتگرديءَ جو واقعو.
🔴 6 جنوري 1952ع تي افغان سفير شاهه ولي خان ”دي هندو“ اخبار کي چيو ته ”پختونستان ۾ چترال، دير، سوات، باجوڙ، تيراه، وزيرستان ۽ بلوچستان جا حصا شامل هجن.“
🔴 26 نومبر 1953ع تي افغان سفير غلام يحيٰ طرزي ماسڪو ويو ۽ سوويت مدد گهري.
🔴 1954ع ۾ فقير اپي جو ڪمانڊر مهر علي هٿيار ڦٽا ڪري پاڪستان سان وفاداريءَ جو عهد ڪيو.
🔴 28 مارچ 1955ع تي صدر دائود خان سوويتن جي حوصلا افزائيءَ سان پاڪستان خلاف زهريلي تقرير ڪئي.
🔴 29 مارچ 1955ع تي ڪابل، جلال آباد ۽ قنڌار ۾ پاڪستان مخالف احتجاج ٿيا ۽ پاڪستاني سفارتخانو ساڙيو ويو.
🔴 1955ع ۾ افغانستان سرحد تي وڏا لائوڊ اسپيڪر لڳائي پاڪستان خلاف پروپيگنڊا شروع ڪئي وئي. مئي 1955ع ۾ افغان فوج کي تيار ڪيو ويو، پر جنرل ايوب خان جي وارننگ تي واپس ٿي. نومبر 1955ع ۾ هزارين افغان هٿياربند قبيلن بلوچستان جي 160 ڪلوميٽر سرحد تي حملا ڪيا.
مارچ 1960ع ۾ افغان فوج باجوڙ ايجنسيءَ تي مشين گنن ۽ مارٽر سان فائرنگ ڪئي، جنهن تي پاڪستان ايئر فورس جوابي ڪارروائي ڪئي.
🔴 28 سيپٽمبر 1960ع تي افغان ٽينڪ باجوڙ ۾ داخل ٿيا، پر شڪست کاڌي.
🔴 افغانستان شير محمد مري جي بغاوتي گروپ لاءِ دهشتگرديءَ جا تربيتگاهه کوليا.
مئي 1961ع ۾ افغان فوج باجوڙ، جندول ۽ خيبر تي ٻيهر حملو ڪيو، پر فرنٽيئر ڪورپ ۽ هوائي فوج انهن کي شڪست ڏني.
جولاءِ 1963ع ۾ ايران جي ثالثيءَ سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا بحال ٿيا.
افغان جارحيت ۽ اندروني سازش (1965–1979)
1965ع ۾ جڏهن هندستان پاڪستان تي حملو ڪيو، تڏهن افغانستان مهمند ايجنسيءَ تي حملو ڪيو، پر مقامي پٺانن مزاحمت ڪئي.
🔴 1970ع ۾ ناراض پٺان ۽ بلوچ قوم پرستن لاءِ تربيتگاهون کوليون ويون.
🔴 1971ع ۾ سوويت-هندستاني مهم دوران KGB ايجنٽ افغانستان مان ڪم ڪندا رهيا.
🔴 1972ع ۾ افغان سرپرستيءَ ۾ اجمل خٽڪ پختونستان ۽ فري بلوچستان تحريڪن کي ٻيهر سرگرم ڪيو. جواب ۾ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو افغانستان اندر پهريون ڀيرو خفيه آپريشن شروع ڪيو.
🔴 1973ع ۾ افغان حمايت سان پختون زلمي نالي عسڪري تنظيم ٺهي.
🔴 1974ع ۾ افغانستان ”گريٽر پختونستان“ جي نالي سان ٽپال ٽڪي جاري ڪئي.
🔴 فيبروري 1975ع ۾ پختون زلمي تنظيم خيبرپختونخوا جي گورنر حیات شيرپاؤ کي قتل ڪيو.
🔴 28 اپريل 1978ع ۾ سوويت جي مدد سان ”ثور انقلاب“ آيو، جنهن ۾ صدر دائود خان کي قتل ڪري ڪميونسٽ حڪومت قائم ڪئي وئي.
🔴 1979ع ۾ نجيب الله سوويت يونين کي افغانستان تي حملو ڪرڻ جي دعوت ڏني.
🔴 سوويت حملي ۽ مجاهدين جو دور (1979–1989)
🔴 24 ڊسمبر 1979ع تي سوويت فوج افغانستان ۾ داخل ٿي. سوويت ۽ افغان فوجون طورخم تائين پهتيون ۽ چيو ته سندن حد هاڻي سنڌو درياءَ تائين هوندي. پاڪستان ٽي ملين کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني ۽ مجاهدين جي حمايت ڪئي.
🔴 1980ع ۾ پيپلز پارٽي ”الذوالفقار“ نالي دهشتگرد تنظيم ٺاهي، جنهن جا ڪيمپ افغانستان ۾ هئا.
🔴 1979–1989ع دوران سوويت فضائي فوج پاڪستاني سرحدي علائقن تي بمباري ڪندي رهي، جڏهن ته افغان خفيه اداري KHAD ۽ KGB پاڪستان اندر دهشتگردي ڪئي.
نئون دور ۽ پراڪسي جنگيون (2000–2025)
🔴 2006ع کان پوءِ افغانستان جو NDS ۽ هندستان جو RAW گڏجي 50 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمون سنڀاليون، جن ۾ TTP به شامل هئي. انهن ڪاررواين سبب 60 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني مارجي ويا ۽ معيشت کي 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ نقصان ٿيو. حامد ڪرزئي جي دور ۾ نئين لويا جرگه ۾ پاڪستان مخالف پٺان اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي.
🔴 300 کان وڌيڪ ڀارتي قونصل خانا ۽ جاسوسي مرڪز پاڪستان جي سرحدن تي کوليا ويا. آمريڪا افغانستان ۾ ”ريڊيو ديوا“ ۽ ”ريڊيو مشعل“ شروع ڪيا، جيڪي پاڪستان مخالف پروپيگنڊا ڪندا رهيا.
🔴 16 ڊسمبر 2014ع تي پشاور جي APS اسڪول تي افغان دهشتگردن جو حملو ٿيو، جنهن ۾ 150 ٻار ۽ استاد شهيد ٿيا.
جون 2016ع ۾ ٽوکهام تي افغان فوج پاڪستاني گيٽ لڳائڻ وقت حملو ڪيو، جنهن ۾ ميجر علي جواد شهيد ٿيو.
مئي 2017ع ۾ افغان فوج چمن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ 2 فوجي ۽ 9 شهري شهيد ٿيا؛ پاڪستاني جوابي ڪارروائيءَ ۾ 50 افغان فوجي ماريا ويا. اڄ تائين افغان علائقن مان پاڪستاني چوڪين تي حملن جو سلسلو جاري آهي. سڀ دهشتگرد تنظيمون جيڪي فاٽا، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ سرگرم آهن، افغانستان مان آپريٽ ڪن ٿيون.
🔴 2018ع ۾ ”پشتون تحفظ موومينٽ (PTM)“ افغانستان ۽ ان جي حڪومت جي کلي حمايت سان ٺهي. افغان فِيڪ اڪائونٽن ذريعي پاڪستان خلاف پروپيگنڊا ڪئي وئي.
مئي 2025ع ۾ جڏهن پاڪستاني هوائي فوج ڀارتي جهاز ڪيرايا، افغان سوشل ميڊيا هندستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
🔴 NDS ۽ ملا طور جي ملاقات ۾ TTP سان گڏجي پاڪستان کان بدلو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. پڪتيا ۾ 8 پاڪستاني پشتون مزدورن کي رڳو پاڪستاني هجڻ جي الزام ۾ قتل ڪيو ويو.
نتيجو
افغان حڪومت ۽ ان جا ادارا گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان مخالف گروهن ۽ دهشتگرد سرگرمين جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن. افغان زمين اڄ به پاڪستان خلاف دهشتگردي، دراندازي ۽ پروپيگنڊا لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. نتيجي طور، هزارين پاڪستاني جانيون وڃايون ويون، ملڪ عدم استحڪام جو شڪار ٿيو ۽ ٻنهي قومن وچ ۾ بي اعتماديءَ جو دائمي ماحول پيدا ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو