پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ نئين سال جي ٽيسٽ خطري ۾ پئجي وئي

سڊني (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ نيو ايئر سڊني ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ ميچ خطري ۾ پئجي وئي آهي.آسٽريلوي ميڊيا موجب ڪرڪيٽ آسٽريليا نئين سال جي ٽيسٽ ميچ جي جڳهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، آسٽريليا ۽ پاڪستان وچ ۾ نئين سال جي ٽيسٽ ميچ 3 جنوري کان شروع ٿيندي.بينو قادر ٽرافي لاءِ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي.هن سال جي شروعات ۾، ڏکڻ آسٽريليا ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن نئين سال جي ٽيسٽ ميچ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.ساڪا اها ڪوشش آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيسٽ برسات سبب ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪئي.سڊني ۾ تازو کيڏيل 7 ٽيسٽ مان 6 برسات متاثر ٿيا، جن مان 4 ڊرا ٿيا.ميڊيا رپورٽن موجب 8 سالن ۾ سڊني ٽيسٽ ميچن جي 64 سيڪڙو ڏينهن تي برسات پئي.ان حوالي سان ڪرڪيٽ آسٽريليا جي هيڊ آف آپريشنز پيٽر روچ چيو آهي ته آسٽريلوي ڪرڪيٽ بهتري لاءِ آپشنز تي غور ڪري رهي آهي.SACA ڊسمبر ۾ ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ 2024 ۽ 2025 ٽيسٽ ميچن جي ميزباني جو اعلان ڪيو آهي.سڊني کان نئين سال جي ٽيسٽ ميچ کي فوري طور تي منتقل ٿيڻ جو امڪان ناهي، ڏکڻ آسٽريليا حڪومت وڏن واقعن جي ميزباني ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو