پاڪستان ۽ آذربائيجان 2 ارب ڊالر جي گڏيل واپار تي اتفاق

پاڪستان ۽ آذربائيجان 2 ارب ڊالر جي گڏيل واپار تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ واپار ۽ سرمائيڪاري کي 100 ملين ڊالر جي سطح مان وڌائي 2 ارب ڊالر تائين ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.ٻنهي ملڪن 15 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن جيڪي واپار، سياحت، معدنيات، سائنس، ٽيڪنالاجي، قانون ۽ انصاف ثقافتي پروگرامن تي ٻڌل آهن. آذربائيجان سان گڏ پاڪستان جو اهو معاهدو ۽ يادداشتون هلندڙ سال نومبر ۾ وزيراعظم پاڪستان جي آذربائيجان جي دوري سان جڙيل آهن.اهڙن معاهدن کي پورو ڪرڻ لاءِ ايس آءِ ايف سي سهولتڪاري ۽ گڏيل پليٽ فارم فراهم ڪيو. اهي معاهدا ۽ يادداشتون آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي پاڪستان جي دوري دوران طئي ڪيون وينديون.انهي کان علاوه ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل واپار، پيٽروليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ به سرمائيڪاري جي لاءِ دلچسپي نظر اچي رهي آهي. پاڪستان جي معاشي ترقي جي رستي ۾ اهي معاهدا اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا. اهڙن معاهدن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون ۽ ڀائيچاري کي وڌيڪ هٿي ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو