ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته هو آءِ ايم ايف سان پاڪستان جو ڪامياب پروگرام ڏسڻ چاهين ٿا، اميد آهي ته پاڪستان ماضي ۾ به مشڪلاتن تي ائين ئي قابو پائي موجوده بحران مان نڪري ويندو.ڪراچي ۾ پاڪستان ڪائونسل آف فارين رليشنز پاران پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن تي ڊفينس ۾ منعقد ڪيل پروگرام کي خطاب ڪندي ڊونلڊ بلوم چيو ته آءِ ايم ايف هڪ آزاد ادارو آهي جيڪو پاليسي فريم ورڪ جي مطابق ڪم ڪري ٿو، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جا منتظر آهن. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي چاهي ٿو، آمريڪا چاهي ٿو ته آءِ ايم ايف سان پاڪستان جو پروگرام ڪامياب ٿئي، پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو معيشت آهي، جنهن کي هو حل ڪرڻ چاهين ٿا.آمريڪي سفير چيو ته اسان ڪنهن کي به اڪيلو ڪرڻ نٿا چاهيون، چين سان اسان جا واپاري لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا جا واپاري لاڳاپا وقت سان گڏ وڌي رهيا آهن.ڊونلڊ بلوم وڌيڪ چيو ته هن ٻوڏ ۾ پاڪستان سان هر ممڪن تعاون ڪيو، ڪورونا جي ويڪسين جي 80 ملين مفت دوائون فراهم ڪيون، پاڪستان کي مستحڪم ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ تعاون جاري رهندو.پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته ڪراچي جو پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، ماضي کي ڇڏي مستقبل جي ڳالهه ڪرڻي پوندي، اسان پاڪستان کي اهڙو ملڪ ڏسڻ چاهيون ٿا جتي سيڙپڪاري اچي.پاڪستان ڪائونسل آف فارين رليشنز تحت منعقد پروگرام ۾ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد، احسن مختار زبيري ۽ سيد حسن حبيب شرڪت ڪئي.










