پاڪستان ڳالهين ذريعي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿو

پاڪستان ڳالهين ذريعي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪي دفاعي نمائش آئيڊياز 2024ع ڪراچي ۾ شروع ٿي ويو، چئن ڏينهن جي دفاعي نمائش ۾ 350کان وڌيڪ پرڏيهي وفد نمائش ۾ شريڪ آهن، خواجه آصف جو چوڻ آهي ته مختلف ملڪن جا وفد دفاعي نمائش مان فائدو حاصل ڪندا، ٽيڪنيڪي سميت اهم معاملن تي غور ڪيو ويندو، پاڪستان ذميوار ملڪ ۽ دنيا ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، علائقائي امن، سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ رابطن کي هٿي ڏيڻي پوندي، آئيڊياز نمائش ملڪي دفاعي پيداوار کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.ڪراچي ۾ چئن ڏينهن جي عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2024ع شروع ٿي وئي آهي. بچاءَ واري وزير خواجه آصف دفاعي نمائش آئيڊياز 2024ع جو باضابطا افتتاح ڪيو. نمائش ۾ ملڪ اندر تيار ڪيل دفاعي شيون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون. نمائش ۾ سموري دنيا جي 550 کان وڌيڪ وفندن اسٽال قائم ڪيا آهن. تقريب کي خطاب ڪندي بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2024ع تمام گهڻي اهميت واري آهي. هن چيو ته سموري دنيا مان پهتل وفد نمائش مان ڀرپور فائدا حاصل ڪندا، نمائش ۾ ٽيڪنيڪي معاملن سميت اهم معاملن تي غور ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي، سموري دنيا ۾ امن لاءِ پنهنجو منفرد ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. خواجه آصف چيو ته علائقائي امن، سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ رابطن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ڳالهين ذريعي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿو، ملڪي دفاعي صنعت کي هٿي ملي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پبلڪ، پرائيويٽ سيڪٽر دفاعي پيداوار ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. خواجه آصف چيو ته پاڪستان ۾ معيشيت هاڪاري ڏهاڪن طرفن وڌي رهي آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن جا وسيع موقعا موجود آهن، دفاعي ضرورتن جون شيون ٻاهر موڪلڻ سان معيشيت مضبوط ٿيندي. هن چيو ته آئيڊياز نمائش پاڪستان جي دفاعي پيداوار کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ۽ علائقائي گيٽ وي طور ثابت ٿيندي، آئيڊياز جو سلوگن آرمز فار پيس آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو