پاڪستان ڪوسٽ گارڊ  جي ڪارروائي، وڏي مقدار ۾ چرس هٿ

پاڪستان ڪوسٽ گارڊ جي ڪارروائي، وڏي مقدار ۾ چرس هٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ڪوسٽ گارڊز بلوچستان جي علائقي گوادر ۾ ڪارروائي ڪندي 32 مڻ کان وڌيڪ چرس هٿ ڪري ورتو. پاڪستان ڪوسٽ گارڊ گوادر جي علائقي ڪمب ۾ ڪارروائي ڪندي جهنگ ۾ لڪايل 32 مڻ 12 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو. ڪوسٽ گارڊ ترجمان موجب خدشو آهي ته هٿ ڪيل منشيات ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر سمگل ٿيڻي هئي. ترجمان موجب پڪڙيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ ماليت 21 ڏهائي 6 ملين ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. ترجمان موجب پاڪستان ڪوسٽ گارڊز هر طرح جي منشيات ۽ سمگلنگ جي روڪ ٿام جي ڪوشش ڪندي ملڪي معيشيت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو