اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي وبا سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح رڳو 0.52 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ رڳو 30 وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 44 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 30 هزار 624 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 73 هزار 755 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 هزار 812 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 7 لک 80 هزار 622 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح حيدرآباد ۾ 1.41 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 0.94 سيڪڙو، لاهور ۾ 0.77 سيڪڙو، فيصل آباد ۾ 0.40 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 0.29 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.










