پاڪستان: ڪورونا جا وڌيڪ 217 مريض رپورٽ، 2 فوت

پاڪستان: ڪورونا جا وڌيڪ 217 مريض رپورٽ، 2 فوت

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2 ڪورونا مريض فوت ٿي ويا.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 52 هين نمبر تي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 1.92 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 217 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ مريضن مان 116 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 30 هزار 557 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 66 هزار 869 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 11 هزار 285 ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 99 لک 75 هزار 272 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو