پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو 2014 وارو آئين بحال، ڪيئي عهديدار گهر ڀيڙا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو سال 2014ع وارو آئين بحال ٿي ويو، گڏوگڏ 2019ع واري آئين تحت قائم ايسوسيئيشنز ختم ٿي ويون آهن.رپورٽ موجب 2019ع جي آئين تحت 90 سٽي ڪرڪيٽ ۽ ڇهه صوبائي ايسوسيئيشنز قائم ڪيون ويون هيون، جيڪي 2014 واري آئين جي بحالي بعد ختم ٿي ويون آهن.پي سي بي جي 2014ع جي آئين جي بحالي سان گڏ سڄي ملڪ ۾ 106 ڊسٽرڪٽس ۽ 16 ريجنل ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز بحال ٿي ويون آهن.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي 2019ع جي آئين تحت 90 سٽي ايسوسيئيشنز ۾ ٿيل سموريون مقرريون به ڪالعدم ٿي ويون آهن جڏهن ته سمورن سٽي ڪوچز کي هڪ مهيني جي پگهار ڏئي گهرو ڀيڙو ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب 6 صوبائي ايسوسيئيشنز جي ججهي پگهار کڻندڙ چيف ايگزيڪٽوز کي به فارغ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو