اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزارت انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آئي ايم ايف) سان عملي سطح جي معاهدي لاءِ پراميد آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽينڊنگ انتظام تحت آءِ ايم ايف کان 2.6 ارب ڊالر وصول ڪرڻ جو امڪان آهي، پاڪستان اها رقم قسطن ۾ وصول ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاملا اصولي طور تي طئي ٿي ويا آهن.ناڻي واري وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کان تصديق ايندڙ هڪ يا ٻن ڏينهن تائين متوقع آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جي معاهدي جون سموريون شرطون پوريون ڪيون ويون آهن.ذريعن موجب پاڪستان پنهنجي ڪوٽا مان اڍائي ارب ڊالر وٺي سگهي ٿو، پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف جو قرض پروگرام ختم ٿيڻ ۾ صرف ٻه ڏينهن باقي آهن، جيڪڏهن اجلاس نه ٿي سگهي ته پروگرام ۾ 6 مهينا واڌ ڪئي وڃي. اسٽينڊ بائي ڪانٽريڪٽ جو حجم 3.5 بلين ڊالرن تائين وڌايو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) کان وڌيڪ 1 ارب ڊالر ۽ جولاءِ ۾ سعودي عرب کان 2 ارب ڊالر ملڻ جو امڪان آهي.ٻئي طرف پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف مشن جي سربراهه ناٿن پورٽر چيو آهي ته پاڪستان سان معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، پاڪستان قرض پروگرام جي بحالي لاءِ بجيٽ ۾ فيصلائتي قدم کنيا آهن.گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي هئي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تي هڪ ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ٿيڻ جو امڪان آهي.










