ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان کي بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان 1.3 ارب ڊالر مليا. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ان حوالي سان هڪ بيان جاري ڪيو آهي. اعلان موجب، هي منتقلي VFF ۽ RSF پروگرامن تحت ٿي.اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته آءِ ايم ايف 8 مئي تي ٽئين جائزي جي منظوري ۾ هن قسط جي منتقلي جي منظوري ڏني هئي.اسٽيٽ بينڪ کي ڪل 914 ملين ايس ڊي آر مليا آهن. وصول ٿيندڙ رقم پاڪستاني روپين ۾ نه هوندي پر پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ شامل هوندي.هي رقم 15 مئي 2026 تي ختم ٿيندڙ هفتي لاءِ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ ظاهر ٿيندي. آءِ ايم ايف فنڊ حاصل ڪرڻ سان پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي سهارو ملندو.آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس گذريل جمعي تي واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيو، جنهن دوران پاڪستان جي اي ايف ايف پروگرام تحت 1 ارب ڊالر جي چوٿين قسط ۽ آر ايس ايف تحت 200 ملين ڊالر جي ٻئي قسط جي منظوري جي درخواست تي غور ڪيو ويو. ان کان علاوه، پاڪستان لاءِ 1.3 ارب ڊالر جي قسطن جي منظوري سان گڏ، آءِ ايم ايف اهو واضح ڪيو ته شين جي غير مستحڪم قيمتن جي ماحول ۾، پاڪستان کي پيٽرول، بجلي ۽ گئس جي مقامي قيمتن کي قيمتن جي مطابق برقرار رکڻو پوندو.










