پاڪستان جي ڊيفالٽ ڪرڻ جو امڪان ناهي: اسحاق ڊار

پاڪستان جي ڊيفالٽ ڪرڻ جو امڪان ناهي: اسحاق ڊار

واشنگٽن)ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو امڪان ناهي.پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ اسحاق ڊار چيو ته ادارو قرض گهٽائڻ جي درخواست به نه ڪندو، 27 ارب ڊالرن جو نان پيرس ڪلب جو قرض ري شيڊول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، قرض پيرس ڪلب جي ماتحت ناهي. آهن هن چيو ته ڊسمبر ۾ ميچوئر ٿيڻ وارا بانڊ وڌائڻ جي ڪا ضرورت ناهي ۽ آءِ ايم ايف جي موجوده پروگرام تي نظرثاني جي درخواست ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي جڏهن ته پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جو امڪان ناهي.ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ سبب ملڪ ۾ وڏي پيماني تي فصل متاثر ٿيا، جنهن سبب ايندڙ سال ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو