پاڪستان ٺهڻ کان وٺي صدرن ۽ وزيراعظمن کي مليل تحفن جي درخواست تي رپورٽ طلب

پاڪستان ٺهڻ کان وٺي صدرن ۽ وزيراعظمن کي مليل تحفن جي درخواست تي رپورٽ طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان جي قيام کان وٺي صدرن ۽ وزيراعظمن کي مليل تحفن بابت ڪابينا ڊويزن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ابوذر سلمان نيازي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ته پاڪستان جي قيام کان وٺي صدرن ۽ وزيراعظمن کي مليل تحفن جا تفصيل ڏنا وڃن.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته درخواستگذار صدرن ۽ وزيراعظمن کي 1947ع کان مليل تحفن جا تفصيل طلب ڪيا، ڪابينا ڊويزن اها ڄاڻ ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اها ڪلاسائيڊ آهي ۽ پاڪستان انفارميشن ڪميشن 29 جون تي حڪم ڏنو هو. 5 مهينا گذرڻ باوجود عمل نه ٿيو آهي.جسٽس ميان گل حسن پڇاڻو ڪيو ته باقي سرڪاري ملازمن کي ڇو شامل نه ڪيو ويو؟ توهان پاڻ کي صدر ۽ وزير اعظم تائين محدود ڇو ڪري رهيا آهيو؟ ان مان توهان جي عزائم کي ظاهر ڪري ٿو، هر درخواست جيڪا اچي ٿي ان جو تعلق وزيراعظم سان آهي.ان موقعي تي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته منهنجي خيال ۾ 1990 کان اڳ جو رڪارڊ موجود نه هوندو، اهڙي معلومات ويب سائيٽ تي هجڻ گهرجي.مختصر ٻڌڻي کانپوءِ عدالت پاڪستان انفارميشن ڪميشن جي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ تي ڪابينا ڊويزن کي نوٽيس جاري ڪندي هڪ مهيني ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو