واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر آف ڪميونيڪيشن جوليا ڪوزڪ چيو آهي ته پاڪستان مهانگائي، گهٽ ترقي جي شرح ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ضرورت جهڙن وڏن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي.هڪ بيان ۾ آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جوليا ڪوزڪ چيو آهي ته ٻوڏ پاڪستان جا معاشي مسئلا وڌائي ڇڏيا آهن، پاڪستان سان قرض پروگرام جي نائين جائزي اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي.هن وڌيڪ چيو ته عملي سطح تي معاهدو ٿي ويو آهي، هو چاهين ٿا ته پاڪستان اقتصادي سڌارا لاڳو ڪري، پاڪستان معاشي سڌارن تي عمل ڪري اعتماد بحال ڪري، ٻين امدادي ادارن کان فنڊنگ لاءِ به سڌارا لاڳو ڪرڻ گهرجن.










