پاڪستان جي نيوزيلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ٽن ميچز جي سيريز ۾ پنهنجي ڪاميابي جو کاتو کوليندڙ پاڪستان پاران فخرالزمان56 ۽ بابر اعظم 66 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا ۽ محمد رضوان 77 تي ناٽ آئوٽ رهيو. نسيم شاهه 5 وڪيٽون ورتيون ۽ ڊيبيو ڪندڙ اسامه مير 2 وڪيٽون ورتيون. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ اڄ ڪراچي ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. نيوزيلينڊ لاءِ ڊيون ڪانوي ۽ فن ايلن اننگز جي شروعات ڪئي، پر ڪانوي پهرين ئي اوور ۾ نسيم شاهه جو شڪار ٿي ويو. ڪيويز طرفان مائيڪل بريس ويل، ليٿم، فلپس ۽ ڪپتان ڪين وليمسن ذميواراڻي اننگز کيڏي، پر پاڪستاني بالرز ميچ تي غالب رهيا. نيوزيلينڊ مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 255 رنسون ٺاهيون. ڪيويز طرفان مائيڪل بريس ويل 43، ليٿم 42، فلپس 37 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو