اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعطم شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي حڪومت اوليتي بنيادن تي بلوچستان ۾ سي پيڪ جي ترقياتي رٿائن تي ڪم ڪري رهي آهي حڪومت بلوچستان جي نوجوانن کي اعليٰ تعليم پيشيوراڻي تربيت ۽ ليپ ٽاپ فراهم ڪندي وزيراعظم محمد شهبازشريف سان جعفر خان مندوخيل جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي 8 رڪني وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ بلوچستان جي ترقي سميت مختلف معاملا غور هيٺ آيا وفد ۾ جمال شاهه ڪاڪڙ، سردار يعقون ناصر، آغا شاهزيب دراني، عامر افضل مندوخيل چوڌري نعيم، نصير اچڪزئي ۽ ظهير خان ڪاڪڙ شامل هئا وزيراعظم چيو ته بلوچستان جو اصل اثاثو باصلاحيت بلوچ نوجوان آهن. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي ملاقات ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ بلوچستان لاءِ خصوصي رٿائون شامل ڪرڻ تي وفد وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو.










