پاڪستان جي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک کان وڌي وئي، نوٽيفڪيشن جاري

پاڪستان جي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک کان وڌي وئي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)شماريات بيورو پاران 7هين مردم شماري جي نتيجن جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.موجوده نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان جي آبادي ۾ واڌ جي شرح 2.55 سيڪڙو آهي ۽ ملڪ جي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 99 هزار 431 ٿي وئي آهي.گزٽ نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي آبادي 2.63 سيڪڙو جي واڌ سان 12.76 ملين کان وڌي وئي آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي آبادي 2.38 سيڪڙو جي واڌ سان 40 ملين کان وڌي وئي آهي.سنڌ جي آبادي 2.57 سيڪڙو وڌي 55.6 ملين کان مٿي ٿي وئي آهي، جڏهن ته بلوچستان جي آبادي 3.20 سيڪڙو واڌ سان 1.48 ملين کان وڌي وئي آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته شهري آبادي 3.65 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي جي آبادي 1.90 سيڪڙو جي شرح سان وڌي رهي آهي. پاڪستان جي ڳوٺاڻن آبادي جو انگ 1477 ملين کان وڌيڪ آهي جڏهن ته پاڪستان جي شهري آبادي 93750 هزار کان وڌيڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو