پاڪستان جو ڏيوالو نه نڪرندو:ڊار

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته معيشت جي بهتري لاءِ آءِ ايم ايف سان جلد معاملا طئي ٿي ويندا.اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري طرفان پرڏيهي سفيرن جي مان ۾ ڏنل افطار ڊنر پارٽي ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته دوست مُلڪن جي سهڪار کانپوءِ آءِ ايم ايف سان جلد معاملا طئي ٿي ويندا جنهن ذريعي موجودا ڏکيائين تي ظابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي ۽ معيشت بحالي جو رستو نڪرندو.ناڻي واري وزير چيو ته 2016ع ۾ پاڪستان دنيا جي 24 هين وڏي معيشت هئي ۽ اسان جي ٽوئنٽي ۾ شامل ٿيڻ جو سوچي رهيا هئاسين پر هن وقت اسان جي معيشت سنگين معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي.اسحاق ڊار دعويٰ ڪئي ته ڊيفالٽ نه ڪندو، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت معيشت کي پائيدار ترقي جي رستي تي آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو