اعجازتيوڻو
تعليم کان بغير ترقي ناممڪن آهي جيڪڏھن ملڪ کي ترقي جي راھه تي گامزن ڪرڻون آھي ته ملڪ ۾ بنا ڪنهن فرق جي روايتي ۽ هنري تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻون پوندو خاص ڪري نياڻين جي تعليم تي ڇو ته چوڻي آهي ته مرد پڙهيو ته فرد پڙهيو عورت پڙهي ته گهر پڙهيو ان کانسواءِ سان اھا پڻ حقيقت آهي ته هڪ تعليم يافته عورت پوري خاندان کي سڌاري سگھي ٿي وفاقي توڙي صوبائي حڪومت پاران نياڻين جي تعليم لاءِ ڪيترائي تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران نواب شاھه ۾ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز قائم ڪيو ويو آهي جيڪو پاڪستان جو پھريون ۽ هن وقت تائين ڇوڪرين جو واحد ڪيڊٽ ڪاليج آھي جنهن مان پهرين بيچ جون ڪيڊٽس تعليم مڪمل ڪري چڪيون آهن هن ڪيڊٽ ڪاليج جو پھريون ڀيرو خيال 2006 ۾ ان وقت جي ضلع ناظمه فريال ٽالپر پيش ڪيو ۽ ڪاليج جي اسڪيم صوبائي پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ کاتي کي ڏني وئي جنھن کانپوءِ ان اسڪيم کي 2008 ۽ 2009 ۾ سنڌ جي پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو ۽ 11 آڪٽوبر 2010 ۾ ان وقت جي صدر پاڪستان آصف علي زرداري بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز جو سنگ بنياد رکيو جڏھن تہ ڪاليج جو باقاعده افتتاح وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه 9 اپريل 2021 ۾ ڪيو ھڪ سو ايڪڙن تي قائم ھي ڪيڊٽ ڪاليج ضلع شھيد بينظيرآباد جي شھر نوابشاهه کان ڏکڻ ۾ تقريبن 4 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي جنھن ۾ سمارٽ ڪلاس رومن سان گڏ بهترين راندين جا ميدان ۽ ٻين سڀئي تعليمي سهولتن سان گڏ قابل پرنسپل ۽ استادن جي نگراني ۾ ڪاليج ۾سال 2017 کان اٺين ڪلاس جي پھرين بيچ ۾ داخلا شروع ڪئي وئي ھئي جنهن جي هن سال 12 فيبروري تي پهرين شاندار پاسنگ آئوٽ پريڊ منعقد ڪئي وئي سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل هن ڪاليج جا انتظام پاڪستان ائيرفورس جي حوالي ڪيا ويا آهن گرلز ڪيڊٽ ڪاليج ٺاھڻ جو مقصد پاڪستان لاءِ مستقبل جون اھڙيون عورت رھنما تيار ڪرڻ آھي جيڪي معياري تعليم، علم ۽ مضبوط ذھني، اخلاقي ۽ جسماني خوبين واريون ھجڻ سان گڏوگڏ پاڪستان خاص ڪري سنڌ جي عورتن کي ليڊر شپ جي تربيت ڏيڻ آهي ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ ڇوڪرن جا تہ ڪيترائي ڪيڊٽ ڪاليج موجود آهن پر ڇوڪرين لاءِ اھڙو ڪوبه ڪيڊٽ ڪاليج نہ ھو ان لاءِ پاڪستان جو پھريون گرلز ڪيڊٽ ڪاليج بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز جو بنياد رکيو ويو تہ جئين شاگردياڻين کي پڻ ليڊر شپ جي تربيت سان گڏوگڏ ملڪي دفاع وارن ادارن ۾ پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهجي ڏٺو وڃي ته پاڪستاني عورتن جي قومي ۽ عالمي سطح تي نمائندگي تمام گھٽ آهي پرھن ڪاليج مان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندڙ ذهني طور مظبوط ڪيڊٽس نہ صرف قومي سطح تي پر عالمي سطح تي پڻ پاڪستان جي وڌ کان وڌ نمائندگي ڪري سگھنديون
پاڪستان جي تاريخ جو ھي واحد گرلز ڪيڊٽ ڪاليج آھي جنھن ٻن مختلف تعليمي بورڊن مان پھرين پوزيشن حاصل ڪئي آھي جن ۾ ضلع نوشهروفيروز جي علائقي جي ڀريا روڊ جي رباح جاويد لاهور بورڊ ۽ ضلع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سونهن راڻي نواب شاھه تعليمي بورڊ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي جيڪا والدين، استادن ۽ ڪاليج لاءِ پڻ فخر جي ڳالھ آهي ھن ڪاليج ۾ پوري پاڪستان مان 300 ڪيڊٽس تعليم حاصل ڪري رهيون آهن ڪاليج جي ايڊمشن پاليسي موجب ڪلاس ستين ۾ 60 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪري پاس ٿيندڙ اهي ڇوڪريون جن جي عمر 12 کان 14 سال هجي انهن کان لکت، انٽرويو ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ وٺڻ کانپوءِ ميرٽ جي بنياد تي پاس ٿيل ڪيڊٽس کي داخلا ڏني وڃي ٿي هن ڪيڊٽ ڪاليج جي بهترين شروعات کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران لاڙڪاڻي ۾ پڻ ٻيون گرلز ڪيڊٽ ڪاليج هن سال شروع ڪيو پيو وڃي ۽ اميد ته نياڻين جي تعليم تي سنڌ حڪومت پاران خاص ڌيان ڏيڻ سان کين بهتر تعليمي سهولتون فراهم ٿي سگهنديون سنڌ حڪومت کي اها پڻ گذارش آهي ته هنن ڪيڊٽ ڪاليجن سان گڏوگڏ سرڪاري پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليج سطح تي تعليم جي بهتري لاءِ وڌيڪ فنڊز مقرر ڪرڻ سان گڏ ميرٽ تي استادن جي مقرري ڪري هر هڪ ڇوڪري ۽ ڇوڪري کي بهتر تعليمي ماحول ۽ موقعو فراهم ڪيو وڃي والدين کي پڻ گذارش آهي ته پنهنجي اولاد جي بهتر تعليم ۽ تربيت لاءِ قدم کڻندي تعليم جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جئين ملڪ کي ترقي جي راھ تي گامزن ڪري سگهجي










