گوجرانوالا ( ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ نون جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته پاڪستان جو تمام گهڻو نقصان ڪندڙ وچرندڙ بيماري سدائين لاءِ ختم ٿي وئي آهي. گوجرانوالا ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پاڪستان ۾ وائرل بيماري اچي وئي هئي جيڪا پنج، ست سال رهي ۽ عوام جو ڏاڍو نقصان ڪري وئي، پر هاڻ اِها سدائين لاءِ ختم ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن پنجاهه لک گهرن جو واعدو ڪيو ۽ هڪ گهر به نه ڏنو، نواز شريف پنجاهه لک گهرن جو واعدو ڪيو ته ضرور ڏيندو، انتقام جي سياست ختم ڪري ترقي جو سفر شروع ڪنداسين.










