اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف سطح تي معاهدو ٿي ويو آهي. جنهن موجب ايندڙ 9 مهينن لاءِ 3 بلين ڊالرملندا. اعلان موجب آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ اسٽاف سطح جي معاهدي جي منظوري ڏيندو ۽ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس جولاءِ جي وچ ڌاري ٿيندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي سان پاڪستان جي پرڏيهي ادائيگين تي دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ معاهدي سان سماجي شعبي لاءِ فنڊز جي فراهمي ۾ بهتري ايندي. جڏهن ته معاهدي سان پاڪستان ۾ ٽيڪس روينيو ۾ اضافو ٿيندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٽيڪس روينيو ۾ واڌ سان عوامي ترقي لاءِ فنڊنگ ۾ اضافو ٿيندو، معاهدو پاڪستان ۾ مالياتي نظم و ضبط جو سبب بڻجندو، معاهدو توانائي سڌارن کي يقيني بڻائيندو جڏهن ته مٽاسٽا جي شرح کي مارڪيٽ ۾ ترتيب ڏيڻ جي اجازت ڏني ويندي. ڊالر جو اگهه فري مارڪيٽ طئي ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بورڊ اجلاس کان اڳ حڪومت 4 روپيا في يونٽ بجلي ۽ 50 سيڪڙو گيس مهانگي ڪندي ۽ 10 روپين تائين پيٽروليم ليوي لڳائڻي پوندي.










