اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ڊراما ۽ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار ۽ گلوڪار فرحان سعيد چيو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان ضرور اچڻو پوندو، ويرات ڪوهلي پاڪستاني مداحن جو سندس لاءِ پيار ڏسي چريو ٿي ويندو.فرحان سعيد هن وقت پنهنجي ايندڙ نئين فلم جي پروموشن ۾ مصروف آهي ۽ هر روز انٽرويو به ڏئي رهيو آهي.ڪرڪيٽ جي وڏي مداح فرحان سعيد ايشيا ڪپ لاءِ ڀارتي ٽيم جي نه اچڻ واري بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هي پهريون ڀيرو ناهي جو ڀارتي بورڊ مٿن پاڪستان اچڻ تي پابندي لڳائي هجي. اڳ به ٿي چڪو آهي، ها، هڪ ڪرڪيٽ پرستار جي حيثيت سان، مان هندستان جي هن بيان تي دل شڪستو آهيان.هن وڌيڪ چيو ته مان ڏاڍو ناراض آهيان ڇو ته مان انڊيا ويو آهيان، دهليءَ ۾ منهنجا تمام سٺا دوست آهن جن سان گڏ رهي رهيو آهيان، جڏهن منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ايندي آهي ته اها ويڙهه هاڻي هلي رهي آهي، مون کي ڏک ٿيندو آهي جيڪڏهن اسان نٿا هلي سگهون. فرحان سعيد جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽيم پاڪستان ايندي ۽ پوءِ ڏسندا ته ڪهڙو ميلو هوندو جڏهن ڪرڪيٽ جا مداح ڀارتي ٽيم سان ملڻ لاءِ هوٽلن جي ٻاهران هوٽلن جي لابي ۾ گڏ ٿيندا.فرحان سعيد وڌيڪ چيو ته ويرات ڪوهلي اهو ڏسي چريو ٿي ويندو ته کيس ڀارت کان وڌيڪ پاڪستان ۾ پيار ملي رهيو آهي.فرحان سعيد چيو ته جيڪڏهن ڀارت نه اچي رهيو آهي ته پوءِ پاڪستان کي به عشا ڪپ کيڏڻ کان انڪار ڪرڻ گهرجي، پاڪستان کي پي ايس ايل ڪرائڻ گهرجي ۽ سڄو پاڪستان پي ايس ايل ڏسڻ گهرجي، اهو ايندڙ سالن لاءِ ڀارت لاءِ سبق هوندو.










