پاڪستاني سياست تي نئين تجربي جي تياري

پاڪستاني سياست تي نئين تجربي جي تياري

علي ٿهيم‎
گذريل ڪجھ وقت کان سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جون اندروني سياسي سرگرميون جاري آهن , ڊاڪٽر عشرت العباد جيڪو مجيرين جو منظور نظر رهندو آهي , مجيرين جي حڪم تي کيس وڏو عرصو سنڌ جي گورنر واري سيٽ تي ويٺل رهيو , گورنري تان هٽڻ کان پوء هو ڪراچي کان ٻاهر هليو ويو پر کيس سياسي افق تي نئين ليڊر طور متعارف ڪرائڻ لاء ڪوششون جاري رهيون , گذريل ڪجھ وقت کان ڊاڪٽر عشرت العباد جا ملڪ ۾ اندرون خانا رابطا جاري رهيا , هڪ پاسي ڊاڪٽر عشرت العباد انهن ماڻهن سان رابطا ڪيا پئي جن سان سندس ذاتي تعلق رهيو آهي , جڏهن ته ڪجھ سياسي ماڻهن سان ڪجھ ٻين ذريعن ذريعي رابطن جو سلسلو هلايو ويو , اهو به چيو پيو وڃي ته ڊاڪٽر عشرت العباد وڊيو لنڪ ذريعي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ خطاب به ڪندو رهي ٿو , ڊاڪٽر عشرت العباد جي انٽري کان پوء چون ٿا ته ايم ڪيو ايم جا 60 اڳواڻ به پارٽي ڇڏڻ لاء تيار ويٺا آهن , ايم ڪيو ايم جي مڪمل صفائي ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن , ايم ڪيو ايم جا ڪجھ سرگرم اڳواڻ ۽ ڪارڪن پ پ پ سان رابطن ۾ آهن ته باقي خلق ڊاڪٽر عشرت العباد سان گڏجڻ لاء تيار آهي , چون ٿا ته ايم ڪيو ايم جي ليڊرشپ بهادآباد تائين محدود ٿي ويئي آهي , ۽ پارٽي شديد اختلافن کي منهن ڏيئي رهي آهي , 2014 کان عمران خان کي سياسي ميدان ۾ لاهي اهو باور ڪرايو ويو هو ته عمران خان ملڪ کي معاشي طور سگهارو ڪندو پر هن ملڪ کي ڊي اسٽيپلائيزڊ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي , ملڪ کي بند گلي ۾ وٺي ويو ملڪي معيشت کي تباهي جي ڪنڌي تي آڻي بيهاريو , عمران خان جن جو منظور نظر هو انهن کيس دل تان لاهي ڇڏيو آهي هاڻي انهن کي هڪ اهڙي پارٽي جي ضرورت آهي جيڪا سندن يس مين هجي , ۽ ان لاء ڊاڪٽر عشرت العباد پنهنجيون اڳ ئي خدمتون پيش ڪري چڪو آهي ۽ سندس آبياري جو ڪم جاري آهي , ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته ڊسمبر جي پهرين هفتي کان عشرت العباد کي باقائدا لائونچ ڪيو ويندو ان وقت ايم ڪيو ايم جي وڏي کيپ ان سان گڏ هوندي , جينئن عمران خان دعوا ڪئي هئي ته ملڪ ۾ سڄي دنيا جا انويسٽر ايندا ملڪ جون معاشي حالتون ٺيڪ ٿينديون ائين هن وقت ڊاڪٽر عشرت العباد بابت به چيو پيو وڃي ته هو انويسٽرن جي وڏي کيپ ملڪ ۾ آڻي ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ڪندو , چيو پيو وڃي ته سيف يار خان , فاروق ملڪ, سليم تاجڪ , وسيم آفتاب , ڊاڪٽر صغير احمد , شاهد پاشا , شبير هاشمي , شمعون ابرار , نعيم حشمت ۽ ٻيا اڳواڻ جيڪي ساڻس دبئي ۾ گڏ آهن ۽ سندس ملڪ ۾ آمد ۽ استقبال جون تياريون ڪري رهيا آهن , تنظيمي سيٽ اپ جون ذميواريون پڻ انهن کي مليل آهن , اهي ئي هيٺ کان مٿي تائين تنظيمون ٺاهيندا ۽ انهن جي رهنمائي ڪندا , دبئي ۾ ترسيل ايم ڪيو ايم جا اهم اڳواڻ به هن سان گڏ ملڪ واپس ايندا , آل پاڪستان مسلم ليگ پرويز مشرف جي قيادت جا پڻ ڊاڪٽر عشرت العباد سان گڏجڻ جا امڪان آهن , عامر خان وسيم اختر به پڻ عشرت العباد جي پارٽي جو حصو ٿيڻ لاء تيار آهن , ان باري ۾ اهو چيو پيو وڃي ته ڊاڪٽر عشرت العباد جي سياسي پارٽي لساني بنيادن تي نه پر ملڪي سطح جي پارٽي هوندي , پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۾ کيس طاقت بخشڻ کان پوء ملڪ جي ٻين صوبن ۾ کيس متعارف ڪرايو ويندو , پاڪستان ۾ ملڪ ٺھڻ کان هن وقت تائين سياسي تجربا ڪري ملڪ کي هلايو ويو آهي جنهن سان ملڪ ترقي ڪرڻ بجائي ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندي وڃي ملڪ ترقي بجائي تنزلي ڏانهن پيو وڃي , ملڪ تي قرضن جا ڪوٽ چڙهي ويا آهن , ان تباهي جي ذميوارن بابت جڏهن پڇيو ٿو وڃي ته حڪمران ڌر مخالف ڌر تي الزام ٿي هڻي ۽ مخالف ڌر وري حڪمرانن تي الزام ٿي هڻي , قوم پيڙجي رهي آهي مهانگائي آسمان سان ڳالهيون پيئي ڪري , بيروزگاري , ڪرپشن , بدامني عروج تي پهتل آهي , اهڙي ماحول ۾ ملڪ کي اڳتي وڌائڻ بجائي ملڪ کي نئين پارٽي جو تحفو ڏيئي پاڻو چورن کپايو ويندو , جينئن عمران خان جو چهيتو چوندو هو  عمران خان آئيگي , دوسئو ارب ڊالر لائيگي , ايک عرب ڊالر آئي ايم ايف کي مون پر ماريگي , ايک سئو ارب ڊالر عوام پر خرچ ڪريگي , ائين هن وقت به چيو ويندو ته عشرت العباد اربين روپين جي سيڙپڪاري ڪرائيندو ملڪ خوشحال ٿيندو , ملڪ جي خوشحالي جا دلاسا ڏيندڙ حڪمران ته خوشحال ٿيو وڃن پر ملڪ مسلسل قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي , ملڪ ۾ سياسي پارٽين , سياستدانن کي آزاد ڪرڻ گهرجي جينئن هو پنهنجي مرضي سان سياسي پارٽيون ٺاهين يا ڪنهن پارٽي ۾ وڃن سياست ڄاڻي سياستدان ڄاڻن , هي هر ٻئي ٽئين سان نيون پارٽيون لائونج ڪرڻ سان ملڪ ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهندو , ملڪ کي سياسي تجربن جي نه پر حقيقي جمهوريت جي ضرورت آهي , ايماندار وطن دوست , مخلص قيادت جي ضرورت آهي , سياسي تجربن ملڪ کي ڇا ڏنو آهي ,,,,,,,, ?

پهنجو تبصرو موڪليو