پاڪستاني اداڪاره انجلين ملڪ جي هالي ووڊ ۾ انٽري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نامور پاڪستاني اداڪاره ۽ هدايتڪاره انجلين ملڪ جلد هالي ووڊ ۾ انٽري ڪرڻ واري آهي. انجلين ملڪ جو شمار پاڪستان جي انهن فنڪارن ۾ ٿئي ٿو جنهن اداڪاري ۽ ماڊلنگ سان گڏ هدايتڪاري ۽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ به پنهنجي قسمت آزمائي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. پاڪستان ۾ پنهنجي ڪم سان پاڻ کي مڃرائيندڙ انجلين ملڪ هالي ووڊ ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي. فلم جي ڪهاڻي ٻارن جي زبردستي شادي ڪندڙ جي ارد گرد ڦري ٿي فلم ۾ وني ۽ سوارا جهڙن موضوعن کي اجاڳر ڪيو ويندو اداڪاره انجلين ملڪ فلم ۾ ماءُ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. انجلين ملڪ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ اڄ به نابالغ ٻارن کي ڪنهن جهيڙي کي ختم ڪرڻ يا قتل جي معاوضي بدلي ٻار کي متاثر خاندان جي غلامي ۾ ڏنو ويندو آهي. انجلين فلم ۾ پنهنجي ڪردار جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته هو اهڙي ماءُ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي جنهن وٽ پنهنجي گهر وارن جي حفاظت لاءِ ان رواج تي عمل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي ناهي. فلم ۽ ٻين اداڪارن جا نالا في الحال منظر عام تي نه آندا ويا آهن فلم کي پاڪستاني ڄائي اداڪار فاران طاهر پروڊيوس ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو