واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني-آمريڪي تنظيم پاڪ پيڪ جي ميمبرن ڪيپيٽل هيل جو دورو ڪيو جتي هنن آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي پاڪ پيڪ جي عملدارن چيو ته ڪانگريس ميمبرن کي درخواست آهي ته پاڪستاني حڪومت تي دٻاءُ وڌو وڃي.رپورٽن مطابق ڪانگريس ميمبرن طرفان بائيڊن انتظاميه کي پاڪستان جي صورتحال تي خط به لکيو ويندو.خط، جنهن تي ڪانگريس جي وڌيڪ ميمبرن طرفان دستخط ڪيو ويندو، 28 اپريل تي آمريڪي پرڏيهي وزير ٽوني بلينڪن ڏانهن موڪليو ويندو.










