پارڪ لين ڪيس ۾ 10 آگسٽ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾آصف علي زرداري جي نيب اختيارن خلاف درخواست رد ڪندي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، هن هڪ درخواست نيب خلاف ۽ ٻئي عدالتي دائره اختيار بابت داخل ڪيون هيون جيڪي احتساب عدالت جي جج اعظم خان رد ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو.  عدالت 10 آگسٽ تي آصف زرداري خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته لکت وارو حڪم نامو اڄ ئي جاري ڪيو ويندو، جنهن ۾ضروري هدايتون ڏنيون وينديون، واضح رهي ته پارڪ لين ريفرنس ۾آصف زرداري ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ ۾ڪيترائي ڀيرا واڌ ڪئي وئي آهي، اڳوڻو صدر طبي بنيادن تي ضمانت بعد ڪراچي ۾موجود آهي، جتي سندس علاج جاري آهي. ياد رهي ته پارڪ لين ڪمپني ذريعي اسلام آباد ۾ هائوسنگ اسڪيم لاءِ 2460 ڪنال زمين خريد ڪئي وئي هئي. جنهن جي ماليت 2 ارب کان مٿي آهي ۽ هنن 62 ڪروڙ روپين ۾ خريد ڄاڻائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو