اسلام آباد)بيورو) پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ منيس الاهي چيو آهي ته چوڌري پرويز الاهي لاهور مان وڊيو ڪال تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪنهن به ميمبر کي زباني ۽ لکت ۾ نوٽيس ناهي ڏنو ويو.هن دعويٰ ڪئي ته چونڊن کان هڪ رات ٻيهر پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ووٽ پرويز الاهي کي ڏنو وڃي.










