پارليامينٽ ميمبرن جي بجلي مفت ناهي،خواجه آصف

پارليامينٽ ميمبرن جي بجلي مفت ناهي،خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پارليامينٽ ميمبرن جي بجلي مفت نه هوندي آهي، مان 35 سالن جا بل ڏيکاري سگهان ٿو.بيورو ڪريٽس ۽ ججن جي مفت بجلي ختم ڪرڻ جي خبر تي ڳالهيون ڪندي خواجه آصف سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ دفاع واري وزير چيو ته پارليامينٽ ميمبرن جي بجلي مفت ناهي هوندي، 35 سالن جا بجلي جا بل ڏيکاري سگهان ٿو، جيڪي پنهنجي کيسي مان ادا ڪيا آهن.مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته بيورو ڪريٽس ۽ جج صاحبان جي بجلي جي بلن جو انهن کان پڇو. مان انهي جي باري ڪابه خبر نٿو رکان، نه ئي ان سلسلي ۾ ڪجهه ڳالهائڻ چاهيان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو