اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڳوڻي قانون واري وزير ۽ (ن) ليگ اڳواڻ نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ جي اختيار ۾ عدالت جي بار بار مداخلت سٺي روايت ناهي. ان مداخلت سان ادارا ڪمزور نه ٿيندا مضبوط ٿيندا.ن ليگ اڳواڻ اعظم نذير تارڙ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته ان فيصلي جو نواز شريف جي ڪيس تي ڪو به اثر نه پوندو.قانون سازي کانپوءِ هاڻي سڀ پنجن سالن کانپوءِ سياست ڪرڻ جا اهل آهن.هنن چيو ته سياست ۾ حصو وٺڻ بنيادي حق آهي، اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ نااهلي جي مدت 5 سالن کان وڌيڪ نه ٿي سگهي.ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته آرٽيڪل 62 تحت سزا تي نااهلي جي وڌ ۾ وڌ مدت 5 سال هوندي، نواز شريف ۽ ٻيا جيڪي 3/184 جي ڪيسن ۾ تاحيات نااهل ٿيا اهي اليڪشن ايڪٽ 232 تحت 5 سالن کانپوءِ نااهل ٿي ويندا.هن چيو ته آئين ۾ طريقيڪار واضح آهي ته ادارا ڪيئن هلن، عدالت جو ڪم ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ ۽ عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ آهي. آئين چوي ٿو ته توهان پنهنجي پسند جو وڪيل ڪرائي سگهو ٿا.هن چيو ته اهو تاثر آهي ته پارليامينٽ جي غير موجودگي جو فائدو ورتو ويو پر اهو قانون بار ڪائونسلن ۽ بار ايسوسيئيشن جو پراڻو مطالبو هو.اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هو ته اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته علاج نه ڪندڙ ڊاڪٽر کي اهو چيو پيو وڃي ته سندس ٻيو آپريشن به ڪرايو وڃي.اڳوڻي وفاقي قانون واري وزير چيو ته نااهلي جي سزا 5 سالن کان وڌيڪ نه ٿي ٿي سگهي.جيڪڏهن قتل يا زيادتي جي ڪيسن ۾ سزا ملي ٿي ته نااهليءَ جي سزا 5 سالن کان وڌيڪ نه هوندي، پر سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪري سگهجي ٿي. فيصلي خلاف نظرثاني لاءِ 20 ڏينهن جي مهلت آهي، اهي فيصلا بعد ۾ ڪيا ويندا.










